اجايون ڳالهيون

 

 

اڱارو 22  جولاءِ  2008ع 

 

                 تاريخ چئبو آهي Date کي، تاريخون چئبو آهي Dates کي ۽ تواريخ چئبو آهي هسٽري کي. پر الائجي ڇو سنڌي لکندڙ به اڙدو ۽ هندي ليکڪن وانگي هسٽري کي تاريخ لکندا آهن. هسٽريءَ لاءِ سنڌي لفظ تواريخ آهي، نه ڪي تاريخ. اها ٿي تمهيد هاڻ ڪوَت شروع.

                 بلڪل غلط ڳالهه آهي ته ڪراچي بندرگاهه آڳاٽو ديبل بندر آهي. مان ورجايا ٿو ته ديبل بندر اڄوڪو ڪراچي بندر نه هو. حقيقت ۾ اهو ديبل بندر جتي عربن جا سامونڊي ٻيڙا لنگر انداز ٿيندا هئا، سو اتي هو، جتي هاڻي گوادر ٺاهيو ويو آهي. مان وري به ورجايان ٿو ته اهو ديبل بندر جتي محمد بن قاسم جي منجيق کڻي ايندڙ ٻيڙو لنگر انداز ٿيو هو، سو اتي ئي اهو، جتي اڄوڪو گوادر بندر جوڙيو ويو آهي.

جنهن زماني ۾ انگريزن اچڻ شروع ڪيو هو، ان زماني ۾ بلوچستان جو سامونڊي ڪنارو ڪولاچي بلوچ قوم جي ڪري آباد هو. انگريزن جيڪو نالو ان علائقي کي ڏنو، سو هو ڪولاچي، جيڪو ڦري گهري ڪراچي ٿي ويو. اڄ به ڪراچي، لسٻيلو ۽ لياري وارا علائقا ڪولاچي قوم سان سٿيل آهن. جيئن هندستان وارن بمبئي نالو بدلائي ممبئي ڪيو آهي تيئن ڪراچي جو نالو به بدلائي ڪولاچي رکڻ گهرجي. مان نوان سوال نه پيو اٿاريان. مان فقط هلڪن اشارن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي تواريخ جو رخ صحيح پيو ڪريان.

اڄوڪي سنڌ صوبي جو واسطو اصلوڪي آڳاٽي سنڌ سان فقط ايترو آهي ته سکر ضلعي جو ڪجهه حصو اصلوڪي آڳاٽي سنڌ ۾ هو. محمد بن قاسم زميني رستي گهوڙن تي چڙهي اچي اصلوڪي سنڌ تي حملو ڪيو هو. هُو صاحب پاڻ سڌو بلوچستان ۾ داخل ٿيو هو، پر سندس منجيق سامونڊي رستي اڄوڪي گوادر ۾ ديبل بندر وٽ پهتي هئي، جتان کڻائي الور پهچائي وئي هئي.

بحث مباحثي لاءِ مون وٽ نه وقت آهي نه دماغ. مان ٿڪل، ٽٽل ۽ ڀريل ماڻهون آهيان. حقيقن جي مون کي ڄاڻ آهي. ڇو ته مان پاڻ بروهي آهيان، تنهن ڪري مون کي اهو چوندي ڪجهه عجيب ٿو لڳي ته راجا ڏاهر بروهي هو ۽ اصلوڪي سنڌ جا حاڪم بروهي ڳالهائيندڙ بروهي هئا. اهو بلڪل ائين هو، جيئن قلات جو حاڪم به بروهي ڳالهائيندڙ رهيو آهي. جنهن کي اصلوڪي سنڌ چيو ٿو وڃي تنهن ۾ قلات به شامل هو، فقط گادي جو هنڌ الور هو، جنهن سنڌي تواريخ نويس کي منجهائي ڇڏيو آهي.

جيڪو سنڌي اسڪرپٽ 1844ع ۾ ٺهيو، سو ڪيئن موهن جي دڙي واري اسڪرپٽ سان لاڳو ٿي سگهي ٿو؟ صاف ظاهر آهي ته موهن جي دڙي واري اسڪرپٽ جا جُزا سمجهڻ لاءِ ڪو ٻيو اسڪرپٽ ڳولهڻو پوندو. مونکي ڄاڻ ناهي ته بروهي ٻولي جو پنهنجو به ڪو اسڪرپٽ هو يا نه پر مونکي اها ڄاڻ آهي ته بروهي ٻولي آرمائڪ ٻولين جي خاندان مان آهي ۽ آرمائڪ ٻوليون نه فقط ڳالهايون وينديون هيون پر لکيون به وينديون هيون. منهنجو ذاتي خيال آهي ته پهرين کوجنا ڪري بروهي ٻولي جو اسڪرپٽ هٿ ڪجي ته موهن جي دڙي وارو اسڪرپٽ سمجهه ۾ اچي ويندو، ڇو ته موهن جي دڙي تي ڪاٺياواڙ وارن جو به اثر هو تنهنڪري ٿي سگهي ٿو ته ڀارت مان ئي ڪو اهڙو سڪرپٽ هٿ اچي وڃي. ڳالهه ته عجيب آهي پر اها حقيقت آهي ته ڀارت ۾ آنڌرا پرديش پاسي هڪڙيون ٻه قومون اهڙيون به آهن جيڪي ساڳي بروهي ٻولي ڳالهائيندي به پنهنجين ٻولين جا الڳ نالا وٺندا آهن.

ڪرد به بروهي ڳالهائيندا آهن ۽ ان کي ڪردش چوندا آهن. اهو سچ پچ ته ڪمال آهي ته ڪرد ۽ بروهي ساڳي قوم ۽ ساڳيا ماڻهون آهن پر هڪڙا پاڻ کي بروهي سڏائين ۽ ٻيا پاڻ کي ڪرد سڏائين جيتوڻيڪ ٻولي ساڳي ڳالهائين.

مان جسماني ۽ ذهني طرح اپاهج ٿيندو پيو وڃان. مون ۾ سگهه ناهي ته مان بحث مباحثو ڪريان. جي مون ٿورو عقل کان ڪم ورتو هجي ها ته اڄ مان مظهر الحق صديقي صاحب کي مڃائي ويو هجان ها ته موهن جي دڙي جي اسڪرپٽ پڙهڻ لاءِ ڪا ڪاميٽي جوڙي ان کي ڀارت وغيره وڃڻ جا اختيار ڏئي پر اها ڪاميٽي اهڙي نه هجي، جنهن سنڌي ٽائپ رائيٽر ٺهرايو هو. اهو اسڪرپٽ وارو ڪم آرڪيالاجي وارن جي وس کان ٻاهر آهي.

مون پنهنجو گهڻو وقت اجايو وڃايو. پئسا به وڃايم ۽ سنڌي کي انگريزي اکرن ۾ لکڻ جي ڪوشش ۾ مغز ماري به ڪيم. حاصل ڇا ٿيو؟ ڪجهه به نه. فقط مظهر لغاري ۽ تسليم زنئور سمجهي ويا ته منهنجي جوڙيل اسڪرپٽ ۾ ڪيترو دم خم آهي. تواريخ تي به مون پنهنجو ڪافي وقت وڃايو. هاڻ مون توبهه ڪئي آهي. ڪو به نئون ڪم ڪرڻو ناهي. چرچي ۽ مذاح کان پري ڀڄبو. پَرَ منهنجا نصيب ڪجهه اهڙا آهن جو ڪا به ڳالهه ڪندو آهيان يا لکندو آهيان ته بحث ڇڙيو پئي ۽ اها ڳالهه منهنجي ڳلي پئجيو وڃي. مان ڳالهه ڪري پڇتائيندو آهيان ۽ ماٺ منهنجي فطرت ۾ ئي ڪانهي. وڏا خوش قسمت آهن، اُهي جن جي فطرت ۾ تکائي ناهي.