ساڙ ۽ حسد

 

 

سومر  20 آڪٽوبر   2008ع 

 

                  عشق وغيره جهڙا ڪم جيڪي مون کي ٻڍاپي ۾ ڪرڻ کپندا هئا، سي مون جوانيءَ جي شروعات ۾ ئي ڪري ڇڏيا. قرآن پاڪ پڙهڻ وارو ڪم جيڪو مون کي ننڍپڻ کان ئي ڪرڻ گهربو هو، سو مان هاڻ ٻڍاپي ۾ پيو ڪريان. ڳالهه سبتي آهي، مان پاڻ ابتو آهيان، دل شئيِ ئي غلط قسم جي آهي. هر هر ترڪيو وڃي.

ٿوري گهڻي مٿاڇڙي ڄاڻ رگ ويد، بائيبل ۽ قرآن پاڪ بابت مون کي سدائين کان رهي آهي، پر فقط ٽي چار مهينا ٿيا آهن، جو مان قرآن پاڪ ائين پڙهڻ لڳو آهيان، جيئن عام ماڻهو غور ۽ ڌيان سان پڙهندا آهن، الائجي ڇا ٿي ويو آهي مون کي. منهنجو ارواهه دنيا تان اٿي ويو آهي. مان ڏسان پيو ته اسلام بابت سموري ڄاڻ قرآن پاڪ ۾ بلڪل واضح طرح موجود آهي ۽ مان ڊڄي ويو آهيان اسلام بابت مسلمانن جي غلط سمجهه کان ۽ قيامت جي ڏينهن الله جي فيصلي کان. مون ۾ ڪو به اهڙو نقطو ڪونهي، جيڪو قرآن پاڪ مطابق مون کي دوزخ کان بچائي سگهي. امان مجبور ٿي بابا کي چوندي هئي ته، جي ٿي ڪُڇان ته پٽجن ٿيون مُڇان، جي ٿي رهان ماٺ ۾ ته پوان ٿي ڪاٺ ۾. منهنجو ساڳيو حال آهي، سو مان ڇا ڪريان؟ لکڻ ڇڏي ڏيان؟

 اوهان مهرباني ڪري قرآن پاڪ جو ڪو سٺو ترجمو ٻه ٽي ڀيرا ڌيان سان پڙهو، اوهان کي پاڻ احساس ٿيندو ته قرآن پاڪ ۾ مڪمل دين سمايل آهي ۽ اوهان جي سوچ ۾ تبديلي اچي ويندي. اوهان فقط ترجمو پڙهو ۽ پاڻ تي اهو شرط لاڳو رکو ته قرآن پاڪ جو ترجمو پڙهندي اوهان جو هٿ ڪنهن ڪتاب ڏانهن نه وڌي. اوهان ڏسندا ته هر هڪ نقطي تي قرآن پاڪ پاڻ اختياري واري سمجهاڻي آهي. قرآن پاڪ عربي ۾ پڙهڻ فرض آهي، پر هڪ ڀيرو ترجمو پڙهي ڏسو ته سهي، ته اوهان کي ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ نه هئي.

 منهنجي زندگيءَ ۾ هڪڙو عجيب واقعو ٿيو آهي، حياتيءَ ۾پهريون ڀيرو مون کي منهنجي ڪنهن ليک تي ايوارڊ مليو آهي/گرانٽ ملي آهي. طفيل عبدالرحمان ۽ حسن علي عبدالرحمان ٻه ڀائر هئا. طفيل صاحب جج هو ۽ حسن علي صاحب وڪيل هو. حسن علي صاحب سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به رهيو هو ۽ هن جيڪي به استاد ڀرتي ڪيا، سي لياقت ڀريا هئا. اها ڳالهه مشهور آهي. ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ حسن علي عبدالرحمان جي ياد ۾ هڪ تنظيم جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهه حميره حسن علي آهي، انهيءَ تنظيم هر سال سنڌي لکڻين تي گرانٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن سال اها گرانٽ /ايوارڊ مون کي ڏني وئي آهي. منهنجي انهيءَ ليک تي، جيڪو پئسو جي نالي سان ڪاوش ۾ ڇپيو هو. مون لاءِ اها ڳالهه تمام وڏي آهي.

مان منجهي پيو آهيان. مون کان لکيو نٿو ٿئي. فيض احمد فيض اخبار نه پڙهندو هو. ڪنهن پڇيس ته ڇو؟ چيائين ته، ها، ڪڏهن ڪڏهن ڪا اخبار ڏسي ڇڏڻ گهرجي. مشتاق قريشي (نوابشاهه) جو چوڻ آهي ته، مون کي ملڪي سياست تي به ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه لکي ڇڏڻ گهرجي. مشڪل هي آهي ته پاڪستان ۾ سياست به مذهب جو درجو وٺي وئي آهي. پاڪستاني سياست ۾ به مذهب وانگي سڌيون حقيقتون لکڻ منع آهي. ڳالهائڻ جي کوٽ ناهي. سڄو ڏينهن ڳالهايو، سموريون راتيون ڳالهايو، پر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون هجن، ڪا به سڌي ٺوس بنيادي ڳالهه نه هجي. اوهان پاڻ غير انساني حرڪتون ڪندا رهو، پر جي ڪو ٻيو انهن حرڪتن جو جواب ڏئي ته هن کي انسانيت تي وڏا ليڪچر ڏيو. اهو آهي دستور، جيڪو اڄ رائج ٿيل آهي.

الله جي حڪم کان پرتي ڀڄي آخر اوهان ڪيترو پري ڀڄندا؟ الله جو حڪم ته اوهان سان ان گهڙيءَ لاڳو ٿيو وڃي، جنهن گهڙي اوهان جو وجود ماءُ جي پيٽ ۾ قائم ٿو ٿئي. وڏا ٿي پاڻ الله جي حڪمن کي نصيب ۽ قسمت سمجهڻ لڳندا آهيون. بحث مباحثو اجايو آهي. حياتيءَ تي فتويٰ ماڻهوءَ جي مرڻ کانپوءِ ظاهر/ثابت  ٿيندي آهي. منهنجي مرڻ تي جا فتويٰ ايندي تنهن ۾ سٺي ڳالهه فقط اها هوندي ته مون کي حسن علي عبدالرحمان اداري طرفان پهريون انعام /ايوارڊ مليو هو. مون کي خواب خيال ۾ به نه هو ته آمريڪا يا ڪئناڊا ۾ مون کي ڪو پڙهندو به هوندو.

ڪي دوست تمام گهڻو ياد ايندا آهن. غلام محمد ڀٽو مون کي ائين سنڀاليو هو، جيئن پيءُ پنهنجي ٻار کي به نه سنڀالي. مان  بيمار هوس ۽ ذهني طرح نارمل نه هوس. هڪڙو هو افضل شيخ، جيڪو فزڪس ۾ ڊگري وٺي شڪارپور ۾ ليڪچرار ٿي ويو. هن جو خيال هوندو ته مون کيس وساري ڇڏيو هوندو، پر ائين نٿو ٿي سگهي. هو مون کي ياد آهي. ڪراچي ۾ رشيد نظاماڻي نالي وڪيل هو، جنهن جي ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي به مون کي ياد آهي. مون کي پروفيسر ڊاڪٽر سرور لاڙڪ به ياد ايندو آهي. هي دنيا آهي، هي سڀيئي رهندا، مان غائب ٿي ويندس.

 سنڌي لکندڙن ۾ هڪ ٻئي سان ساڙ ۽ حسد تمام گهڻو آهي. هڪ ڊزن سنڌي لکندڙن، جن ۾ ڪي انگريزيءَ جا ماهر به شامل هئا، گڏجي هڪڙي ڊاڪٽر شيرين شيخ انٽرنيٽ تي گهَڙي ۽ مون سان لهه وچڙ ۾ آيا. مون سمجهيو ته ڪا مائي آهي، جنهن سان جذباتي وئل آهي. جيتوڻيڪ ڪجهه دوستن مون کي ٻڌايو هو ته هو ڀائي آهن. مون جيڪي ڪجهه لکيو سو تمام سهڻو هو. اڄ هو ڊزن ماڻهو ڪهڙي حال ۾ آهن، سا ڄاڻ مون کي ناهي. مان هنن جون شڪليون ڏسڻ ٿو چاهيان. سندن فطرتي رسالو به غائب آهي.

مولانا قاسمي صاحب هڪ ڀيري مون کي چيو هو ته، مان توکي پڙهندو آهيان ۽ مون کي تنهنجو لکڻ گهڻو وڻندو آهي، پر اها ڳالهه مان ظاهر نٿو ڪري سگهان، جو منهنجو اٿڻ ويهڻ مختلف ماڻهن ۾ آهي. مون کيس مهرباني چيو هو. هو عظيم ماڻهو هو، جو منهنجي ليول تائين هيٺ لهي هن مون سان دل جي ڳالهه ڪئي هئي.

 آصف، شاهه خورم ۽ شاهه زمان منهنجا هم عمر دوست آهن. فقط پنجيتاليهه پنجاهه ورهيه مون کان ننڍا آهن، جيڪو تفاوت ڪو خاص وڏو ناهي.