فطرت

 

 

خميس 20  نومبر  2008ع 

 

                 تارا ۽ گرهه موجود نه هئا، وقت ۽ طرف ايجاد نه ٿيا هئا، دونهاٽيل ڦهلاءُ هو، جنهن جو ڪو به رنگ روپ نه هو. ڪو به خال نه هو، جيڪو ڀريل يا خالي هجي. سانت ۽ آواز جو وجود نه هو. ماٺيڻي ماٺ ۾ وِٿي نه هئي. اڳ ۽ پوءِ جو پايو نه پيو هو. اها هئي ڪائنات جنهن آرس ڀڳي. تارا ۽ گرهه ظاهر ٿيا. وقت ۽ طرف ڦهلجي ويا. ڦهلاءُ ۾ رنگ ۽ روپ اڀري آيا. ڪائنات روپ بدلائڻ لڳي. ڊيگهه ۽ ويڪر وجود ورتو، جَدوَل جو بنياد پيو ۽ هر ڪا شئيِ پنهنجي محور ڏانهن وڌڻ لڳي. ڪائنات جو آرس ڀڃڻ شروعات هئي، اهڙي پڇاڙي جي جا ڪائنات جي ٻي آرس ڀڃڻ تي مڪمل ٿيندي. اوهان به انتظار ڪريو، جيئن مان پيو ڪريان. پاڻ سڀيئي گڏ اهو تماشو ڏسنداسين، ۽ ڄاڻي وينداسين ته ڪائنات اها پهرين آرس ڪيئن ورتي هئي.

مٿي ڄاڻايل آئيڊيا جو ڪجهه حصو رگ ويد مان چورايل آهي، مان افلاطون نه آهيان.

چوڻ لاءِ چئبو آهي ته هي دنيا محض راند ۽ تماشو آهي. ڪو به نٿو چئي ته قدرت جا اسان کي دل ڏني آهي، سا اسان سان سراسر زيادتي آهي. انساني فطرت وڏو عذاب آهي. ان جو لاڙو غلط پاسي ئي رهندو آهي. هزارين ورهين جون ڌرمي ۽ مذهبي روايتون به انسان جي فطرت بدلائي نه سگهيون آهن.

هڪڙو عجيب تماشو آهي. ڪو اسڪول ٿو کولجي ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح اسڪول کولڻ آهي. تعليم جي ڳالهه ٿي ٿئي ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح تعليم عام ڪرڻ آهي. معيشت جي ڳالهه تي چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح معيشت سڌارڻ آهي. بم ٿا ڦاٽن ته چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح دهشتگردي ختم ڪرڻ آهي. هر ڪنهن ڳالهه لاءِ چيو ٿو وڃي ته حڪومت جي پهرين ترجيح فلاڻي آهي. سو سوال آهي ته حڪومت جون پهريون ترجيحون ڪل ڪيتريون آهن ۽ انهن مان جي ڪا هڪڙي ترجيح به پوري ٿي هجي ته ان ترجيح جو نالو ٻڌايو وڃي. حقيقت اها آهي ته حاڪمن وٽ ترجيح واري معاملي ۾ لفاظي جا انبار آهن. ڪا به ترجيح پوري ٿيڻي ناهي.

هڪڙو ٻيو به تماشو آهي، ۽ اها به فقط لفاظي آهي. ڪٿي به ڪو واقعو ٿيندو آهي ته حاڪمن مان ڪو هڪدم اعلان ڪندو ته ان ۾ هڪ سازش آهي، جنهن کي جلد بي نقاب ڪيو ويندو. هزارين اهڙيون سازشون ورهين کان بي نقاب ٿيڻ جي انتظار ۾ ترسيل آهن. مان ٿو ٻڌايان اوهان کي ته ڪا به سازش بي نقاب نه ٿيندي. پاڻ اهي سڀيئي نقاب واريون سازشون پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي وينداسين. حاڪمن جون اولين ترجيحون به جيئن جو تيئن پاڻ سان گڏ هلنديون.

ٻي اوهان کي ڪهڙي سياسي مشڪري ٻڌايان؟ مون وٽ ته انهن جا انبار آهن.

ٽي چار ڏينهن اڳ علم جي اڪابرن هڪ ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته سنڌي صورتخطي ۾ ڪو به اهڙو نقص ڪونهي، جنهن کي درست ڪجي. اهو ڪمال آهي. جيڪڏهن سنڌي صورتخطي ۾ به نقص نه آهي ته موبائيل فون تي انگريزي اکرن ۾ اڙدو ڇو پئي هلي؟ ۽ ڇو سنڌي ڳالهائيندڙ به سنڌي لفظن تان هٿ کڻي انگريزي اکرن ۾ اڙدو پيا لکن؟ انهيءَ خوفناڪ ڪانفرنس ۾ مان نه هوس. مون کي سڏايو  به نه ويو هو، ۽ جي سڏايو ويو هجان ها ته مان نه ويو هجان ها. ورهين بلڪه صدين کان ڏسندو ۽ ٻڌندو اچان ته اهڙين ڪانفرنسن ۾ فقط ڦٽاڪا وڄندا آهن ۽ ڳالهائيندا فقط اهي  آهن، جن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جي خرچ تي پنهنجا ذاتي ڪتاب ڇپائي انهن ادارن مان پئسا ڪمايا آهن. شاباس هجي انهن ماڻهن کي جيڪي اهڙيون ڪانفرنسون اٽينڊ به ڪندا آهن ۽ انهن ۾ ويهي تاڙيون به وڄائيندا آهن. گذريل مڪمل صديءَ ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي سنڌي لکو ۽ سنڌي پڙهو جو نعرو سيکاري کين سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کان پري رکيو ويو آهي. سنڌيءَ ۾ ايڪنامڪس يا پوليٽيڪل سائنس پڙهي اوهان ڪهڙي بئنڪ ۾ آفيسر ٿيندا؟ سنڌي ۾ ڪيمسٽري ۽ فزڪس پڙهي اوهان ڪهڙي سائنسي اداري ۾ قبول ڪيا ويندا؟

وري سياست، - ڪٿي ڪو وڏو حادثو ٿيندو آهي ته ڪنهن حاڪم قسم جي آفيسر جو بيان ايندو آهي ته هڪدم انڪوائري ڪئي وڃي! مثال طور جيڪڏهن اهو آفيسر اهو بيان نه ڏئي ها ته ڇا انڪوائري نه ٿئي ها؟ صاف ظاهر آهي ته جي ڪو حادثو ٿيندو ته اتي صوبيدار، انسپيڪٽر ۽ ڊي ايس پي هونئن به ضرور پهچندا آهن ۽ انڪوائري ڪندا آهن. پوءِ باقي اها بيان بازي ته هڪدم انڪوائري ڪئي وڃي ڇا لاءِ؟ خبرن ۾ ايندو آهي ته فلاڻي صاحب انڪوائري جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جي هو صاحب انڪوائري جو حڪم نه ڏئي ها ته ڇا انڪوائري نه ٿئي ها؟

اوهان قسم کڻي ٻڌايو ته اوهان گذريل پنجن ڏهن ورهين ۾ ڪڏهن ڪا سنڌي لغات کولي ان ۾ ڪنهن سنڌي اکر يا لفظ جي معنيٰ ڳولهي آهي؟ بلڪل نه. اوهان اڄ تائين ڪنهن به سنڌي ماهوار رسالي جو چوٿون يا پنجون اشو نڪرندو ڏٺو آهي؟ وڌ ۾ وڌ ٽي اشو نڪرندا آهن ۽ پوءِ همراهه پيسن ۾ کٽي پوندا آهن. جيڪو ٿو سنڌي ناول ڇپائي سو مفت ۾ ورهائي. ڪجهه ڪاپيون ذاتي اثر رسوخ تي ادارن کان خريد ڪرايو ڇڏي. اوهان ڪڏهن آءِ آءِ قاضي صاحب جو پنهنجو لکيل ڪتاب پڙهيو آهي؟ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڇپايل ڪتابن ۾ ايڊيٽوريل بورڊ جي نالن ۾ ورهين جا ورهيه مان ساڳيا نالا ڏسندو آيس. اوهان اهي ڪتاب کڻي ڏسو ۽کلو. جڏهن ڪتاب سرڪاري نصاب تي رکبا آهن ته ڪتاب جي ليکڪ کي پئسا ملندا آهن. سڄو جادو پئسن جو آهي. مئٽرڪ، انٽر، بي اي وغيره مان سنڌي ڪمپلسري ڪڍي ڇڏيو، ته ايم اي سنڌي ۾ هڪڙو به سنڌي شاگرد نظر نه ايندو. جن وٽ لفظ سائيڪل لاءِ به سنڌي لفظ ناهي سي سنڌين جو مستقبل خراب ڪرڻ لاءِ پرچار ڪندا آهن ته سائنسي ڪتاب به سنڌي ۾ ترجمو ڪريو. اهو عاليشان چرچو آهي.

haleembrohi@hotmail.com