پئسو

 

 

آچر  20  جولاءِ  2008ع 

 

مون وٽ پيسو ڪونهي ڇو ته مون ڪڏهن به پئسي جو قدر نه ڪيو، مون وٽ فقط منهنجيون لکڻيون هونديون هيون، جيڪي مان پاڻ پنهنجن پئسن  سان ڇپائي ورهائي ڇڏيندو هوس.

پئسا وٺڻ مون کي اوپرو لڳندو هو، منهنجي دماغ جي خرابي هئي جو مان پاڻ کي پئسي کان مٿانهون سمجهندو هوس. هاڻ ٻڍاپي ۾ مان ڄاڻان ٿو ته بچاءَ ۽ بقا جو بڻ بنياد پئسو آهي. بجلي جو بل ايندو آهي ته مان ڏڪيو وڃان، جڏهن بل نه ايندوآهي ته مان ڏڪيو وڃان ته ڇو بل اڃا نه آيو آهي، بجليءَ جو ڪٽجي وڃڻ وڏي ۾ وڏي سزا آهي. مون اوندهه ڏٺي آهي، تنهن ڪري مان اوندهه کان ڊڄان ٿو.

منهنجيون ڄنگهون ۽اکيون جواب ڏيئي رهيون آهن، تنهن ڪري مون لاءِ پئسي جي اهميت وڌندي پئي وڃي. مان هيسجي ويو آهيان ۽ بي انتها ڊنل آهيان. جيڪي چوندا آهن ته پئسو هٿ جي مير آهي، تن غربت ناهي ڏٺي. جيڪي چوندا آهن ته پئسو ته خراب عورتن وٽ به هوندو آهي، تن پئسو نه ڏٺو آهي. مون وٽ ڪيئي ڀيرا پئسو آيو ۽ ڪافي مقدار ۾ آيو، پر مان بدافعالو هوس، منهنجي ذهن ۾ فقط لکڻ ۽ ڇپائڻ جو فتور هو. هي اکر به مان ڇپجڻ لاءِ لکان ته پيو پر اوهان يقين ڪريو ته مان لکڻ ۽ ڇپجڻ کان بي انتها ڊڄان ٿو، اصل شيءِ پئسو آهي. ڪارل مارڪس گهڻو پوءِ آيو هو، هن کان گهڻو اڳ، عيسوي سن جي شروعات کان به گهڻو اڳ، ڪنهن گريڪ چيو هو ته دنيا جو بنياد پيسي تي رکيل آهي.

اڄ سوجهري فون تي ٻڌايو ته هن کي منهنجو لکيل ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت هٿ لڳو آهي. منهنجو ذهن هڪدم هن ڳالهه ڏانهن کڄي ويو ته مون پنهنجي سڄي ماهوار پگهار اهو ڪتاب ڇپائڻ تي برباد ڪئي هئي. اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپايل هو ۽ مون پنهنجون ٻه پگهارون انهن ٻن ڪتابن تي ضايع ڪيون هيون ۽ مون کي مليو ڇا؟ ان زماني ۾ ته مون کي ٺلهي واهه واهه به نه ملي هئي.

مان سمجهي ويو آهيان ته مون ۾ وڏون ڪهڙيون هيون، جو اڄ مان ڊنل ۽ هيسيل آهيان. هڪڙي وڏ اها هئي ته مون پئسو ضايع ڪيو ۽ ٻي وڏ اها هئي ته مون ڪڏهن به خيرات نه ڏني. شايد ئي ڪو هجي، جنهن کي مون ڪڏهن ڪو ٽڪو آنو ڏنو هجي، وسڪي ۽ بيئر تي مون گهڻو پئسو وڃايو، پر جنهن منهنجو خانو خراب ڪيو، سو هو لکڻ ۽ ڇپائڻ.

ليکڪ فقط مان اڪيلو ئي نه هوس. گهڻيئي هئا ۽ اڃا به آهن، جيڪي پئسن جي معاملي ۾ هوش ۾ رهندا هئا. مان ڪاوش ۾ لکندو هوس ته مون کي پئسا ملندا هئا، جيڪي مان ضايع ڪري ڇڏيندو هوس، پر ڪاوش واري معاملي ۾ مون کي پيسن کان وڌيڪ پنهنجي اهميت جتائڻ جو شوق هوندو هو. مان ليکڪ ته هوس، پر مان نالائق ليکڪ هوس. اڄ  مون وٽ فقط پئسن جو احساس آهي، ليکڪ هجڻ جو قدر مون وٽ ٽڪي جو به ڪونهي. جڳديش رسالو ڪڍندو هو ته مون کي هزار رپيا مهينو ڏيڻ لڳو. مان کيس چوندو آيس ته اهو رسالو گهڻا ڏينهن نه هلندو پر هو ضد تي هو، ٻن ٽن مهينن ۾ اهو رسالو بند ٿي ويو.

غريب، مسڪين، محتاج ۽ ضرورتمند کي جا اوهان خيرات ڏيو ٿا، سو اوهان الله جي راهه ۾ خرچ ڪريو ٿا. جيڪو اوهان کي ڏهوڻ ٿي ملندو، پر اها ڳالهه مون هاڻي سمجهي آهي، جڏهن سڀيئي بسون روانيون ٿي ويون آهن. پئسي جي گهٽتائي ته آهي، پر مون وٽ ايمان جي گهٽتائي تمام گهڻي آهي، مان پهرئين نمبر جو ڊڄڻو آهيان. ظاهري طرح تمام گهڻو بڙ بڙيو آهيان، ڪنهن ٻئي جي عزت ڪرڻ مان سکيو ئي نه هوس، مون وٽ هڪڙو لفظ هو مان، اڄ مان انهيءَ مان ۾ ئي ڦاٿل آهيان.

مون  ڪڏهن پنهنجي پيءُ جو چيو به نه مڃيو هو ته الله جو چيو مان ڇا مڃان ها. جن الله کي خوش رکيو، تن کي الله به خوش رکيو، مون کي منهنجي ڪنهن دوست ٻڌايو هو ته، تون ماءُ کان پيسا وٺندو هئين، تنهن ڪري تون ڪمائڻ نه سکئين، جيڪڏهن تون پيءُ کان پئسا وٺندو هجين ها ته تون ڪمائڻ به سکي ويو هجين ها. مان هاڻ ڄاڻان ٿو ته منهنجي دوست بلڪل سچ چيو هو، مان پڙهندڙن کي چوان ٿو ته جيڪڏهن پئسا گهرو ته پيءُ کان گهرو ته جيئن پئسا ڪمائڻ سکي وٺو، ماءُ ته بنان حساب ڪتاب  ڏيندي آهي، پر پيءُ حساب ڪتاب پڇندو آهي. ماءُ ته گشن پتن تي هلي ويندي آهي، پر پيءُ آڏي پڇا ڪندو آهي، پر منهنجو پيءُ ته چوندو هو ته پئسا ماءُ کان وٺ، سو مان ڇا پئي ڪري سگهيس! 

مستقبل جو سوچي مان ڏڪيو وڃان. سڀاڻي ڇا ٿيندو؟ جو سوچي مان دهلجيو وڃان. منهنجو وس پڄي ته مان سڀاڻي ٿيڻ ئي نه ڏيان، پر ايندڙ سڀاڻي جو دڳ بند ڪرڻ منهنجي وس ۾ ناهي. مان ڇا ٿو ڪري سگهان، مون ۾ ايمان جي گهٽتائي آهي.