قبوليت

 

 

اربع  16 جولاءِ  2008ع 

 

                 اوهان اهو ماڻهو ڏٺو آهي، جيڪو گهڻن ئي ضدي ماڻهن جو مجموعو آهي؟ مون اهو ماڻهو ڏٺو آهي، اهو مان آهيان ۽ مان انهيءَ عذاب ۾ آهيان، جيڪو ان ماڻهوءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.

                 مان ضدي هوس، منهنجو دماغ خراب هو، جنهن کي هَٺ چئبو آهي، سو منهنجي رڳ رڳ ۾ سمايل هو. پنهنجي ليکي مان وڏو داناءُ، عقلمند، فلسفي، سمجهُو ۽ وڏو ليکڪ هوس. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته مان بنهه ڇَسو، ٽرڙو ۽ بيوقوف هوس. مون وٽ ته نالي ماتر به صبر نه هو. پاڻ لاءِ ته گڏهه فقط هڪڙو جانور آهي، پر اڄ مان انهيءَ صبر لاءِ واجهايان ٿو، جيڪو گڏهه جو ورثو آهي.

منهنجو ذهن غلط هو، ماڻهن جي واهه واهه منهنجو ذهن وڌيڪ خراب ڪيو. مان آپي کان نڪرندو ويس، جنهن کي مزاح جي رڳ چئبو آهي، سا منحوسيت جي پهرين ۽ مڪمل نشاني آهي. اڄ مان سوچيان ٿو ته ڪاش مون وٽ مزاح جي رڳ نه هجي ها. ڪاش مون کي مزاح جي سمجهه نه هجي ها، ڪاش مان ڪُند ذهن هجان ها، ڪاش مان ٻه چوپڙيون به پڙهيل نه هجان ها، ڪاش مان ٺپ جاهل هجان ها، ڪاش مان ليکڪ بدران موچي يا ٻهاريدار هجان ها ۽ ڪاش مان ذهن ۽ زبان هلائڻ بدران هٿ جو پورهيو ڪندڙ هجان ها.

جنهن کي عقل چئبو آهي، سو اها ڇُري ۽ چاقو آهي، جنهن سان پنهنجو ئي هٿ وڍبو آهي. مون پنهنجي عقل سان پنهنجو تن ۽ من وڍي ذرا ذري ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ مان مٿي کي هٿ ڏيو ويٺو آهيان. مون کي ته پينون فقير ٿيڻ جي واٽ به نٿي سجهي.جن پنهنجي مائرن ۽ پيئرن کي پيار ڏنو ۽ هنن جي عزت ڪئي، سي سوچي به نه سگهندا ته مون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ڪيترو عذاب ڏنو، مون ٻنهي جي بيعزتي ڪئي، جو مان ٽرڙو هوس ۽ سدائين آپي کان ٻاهر هوندو هوس. مون ٻنهي کي ڏک ڏنا، پنهنجن ڀائرن ۽ ڀيڻن لاءِ به مان عذاب هوس. ماڻهن ليکي مان مانَ وارو ليکڪ آهيان.

اوهان چوڌاري نظر ڦيرايو، سکيا سَهنجا فقط اهي آهن، جن ماءُ، پيءُ ۽ مٽن مائٽن کي مان ڏنو. ڇو ته مان پنهنجي ليکي وڏي شيءِ هوس، تنهن ڪري مون وٽ انهن لاءِ وقت نه هو، جن کي پنهنجو چئبو آهي.

منهنجي اندر ۾ ۽ منهنجي هنيانءَ تي هڪڙو ڊپ ويٺل آهي، خوفناڪ ۽ هئبتناڪ ڊپ. اهڙو ڊپ جنهن جو اوهان اندازو  به نٿا ڪري سگهو.

منهنجي گهر جي ڳالهين سان اوهان جو واسطو ناهي، جيڪڏهن منهنجو اولاد منهنجو هوندي به مون سان گڏ ناهي ته اها ڪا خاص حيرت جي ڳالهه ناهي. ڇو ته مان به ته پنهنجي پيءُ سان سندس موت وقت به گڏ نه هوس. پليتائپ جي حد هوندي آهي، پر مان سڀئي ليڪا لنگهي ويو هوس.

پر ڳالهه آهي دنياداريءَ جي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر سائين رشيد احمد شاهه ۽ رجسٽرار صالح راڄڙ جو ڪو به ڏوهه نه هو. منهنجو دماغ خراب هو. منهنجا ڏينهن خراب هئا، منهنجو نصيب خراب هو. اڄ مان ڄاڻان ٿو ته هو ٻئي صاحب سٺا هئا ۽ مان پنهنجي کل کان ٻاهر نڪري ويو هوس. ٽرڙائپ جي به حد هوندي آهي، پر مان ناز نخرن جو پاليل هوس، جنهن کي اک جو رَم يا حيا چئبو آهي، تنهن کان مان ڪورو هوس. نئڙت منهنجي فطرت ۾ ئي نه هئي. جڏهن مظهرالحق صديقي صاحب مون کي چيو ته مان سندس سيڪريٽري ٿيان، تڏهن مون بيشرميءَ سان ائين انڪار ڪيو، جيئن مان ڪو گورنر هوس. اها ڳالهه تڏهن جي آهي، جڏهن هو صاحب پهريون ڀيرو وي سي ٿي آيو هو. اڄ جي مان پڇتايان ٿو ته اهو پڇتاءُ منهنجي ڪهڙي ڪم جو، منهنجو اندر ٿو ڦاٽي.

لکڻ ۽ ڇپجڻ ٻئي غلط ڪم آهن، جو ليکڪ کي غلط فهميءَ ۾ وجهيو ڇڏين ته هو ڪا تمام وڏي شيءِ آهي. پنهنجو نالو اخبار ۾ ڏسي مان سمجهندو هوس ته مان ڪو تمام وڏو ماڻهو آهيان. جڏهن مان سسپينڊ ٿيو هوس، تڏهن مون مسعود لوهار کان پڇيو هو ته منهنجو سسپينڊ ٿيڻ اخبار لاءِ نيوز ٿي سگهي ٿو؟ مسعود ان زماني ۾ هڪ سنڌي اخبار سان لاڳاپيل هو. هن چيو ته ها- ۽ پوءِ منهنجو دماغ خراب ٿيندو ويو.

اهي ۽ اهڙيون هزارين ڳالهيون منهنجي دل تي نانگن وانگي چڙهيل آهن. مون تمام گهڻيون زيادتيون ڪيون، لکان ان ڪري پيو ته جيئن ڪو ٻيو ليکڪ ڪنهن غلط فهميءَ ۾ نه پئي. منهنجو وس پڄي ته مان اهو قلم ئي ٽوڙي ڇڏيان، جنهن سان مون پهريون اکر  لکيو هو.