ٻهراڙيون ۽ انگريزي اکر

 

 

آچر  14  ڊسمبر   2008ع 

 

.دل جي بيماري هارٽ اسپيشلسٽ ٻڌائيندو آهي، پر دل جي آپريشن هارٽ سرجن ڪندو آهي، ايئن ئي منهنجو ڪم آهي نقص ٻڌائڻ پر انهن نقصن کي قبول ڪري ان تي عمل ڪرڻ سنڌي صورتخطي جي ٽارزنن جو ڪم آهي.

.سنڌي اکر ٽن طريقن سان لکي سگهجن ٿا، پهريون ته اهي عربي، فارسي ۽ گاڏڙ وارا اکر جيڪي انگريزن جي جوڙيل ڪاميٽي 1845ع ۾ سنڌي ماڻهن کي ٺاهي ڏنا، ٻيو اهو ديوناگري وارو هندي سسٽم جيڪو هندستان ۾ صدين کان رائج رهيو، جنهن ۾ سنڌي اچارن لاءِ الڳ اکر ٽنبيا (ٽمبيا) ويا ۽ ٽيون آهي رومن اسڪرپٽ، جنهن ۾ انگريزي جي 26 اکرن مان سنڌي اچار پئدا ڪرڻ جي ڪوشش کي باقائدگي سان نظر انداز ڪيو ويو. هندستان ۾ هلندڙ ديوناگري اکرن مان سنڌي اکر مڪمل طرح غائب ٿي چڪا آهن ۽ اتي ديوناگري اکرن ۾ ڪو به سنڌي ليک وغيره نٿو ڇپجي. سنڌ صوبي ۾ هلندڙ عربي، فارسي ۽ گاڏڙ وارا اکر اهڙي حالت کي پهتا آهن جو بحث پيو هلي ته ان کي ڪيئن سڌارجي جو ان جا پڙهندڙ ڏينهون ڏينهن گهٽبا پيا وڃن، اها معمولي حقيقيت به سنڌ ۾ سنڌي پڙهندڙ قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

.مان سمجهي نٿو سگهان ته انب کي امب لکڻ سان يا کنب کي کمب لکڻ سان ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ اهڙا سوين اکر آهن جن ۾ ن خوامخواهه ٽمبيل آهي، پوءِ صورتخطي ڇو لکجي؟ ڇو ته ان کي صورتختي لکجي؟ طوطي کي هرڪو توتو چوندو آهي پر لکبو وري به طوطو آهي ڇو؟ قوفتي کي هر ڪو ڪوفتو چوندو آهي پر لکبو وري به خوامخواهه قوفتو يا قفطو آهي، اهي اجايا چرچا آهن، ن ۽ ط سان.

.اوهان جي گهر اڳيان يا ويجهو ٻه اسڪول هجن، هڪڙو سنڌي ٻيو انگريزي، اوهان پنهنجا ٻار ڪهڙي اسڪول ۾ داخل ڪرڻ چاهيندا؟ ڳوٺن ۾ رهندڙ سکيا ماڻهون ۽ زميندار ڇو پنهنجا ٻار شهرين جي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ داخل ڪرائيندا آهن؟ هڪڙا ٻه ماستر هجن، هڪڙو سنڌي پڙهائيندڙ ۽ ٻيو انگريزي سيکاريندڙ، اوهان پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي ماستر کان ٽيوشن ڏياريندا؟ هڪڙو آهي ضد ۽ ٻيو آهي ڪوڙ، جن جي وچ ۾ اوهان گهڙيال جي پينڊيولم جيان اڳتي پوئتي پيا ٿيو.

.اوهان ڇو ضد ڪندا آهيو ته ٻهراڙين ۾ سنڌي پرائمري اسڪول هجن، جڏهن هر هڪ سکيو خاندان پنهنجا ٻار انگريزي پرائمري اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ لاءِ شهرن ڏانهن موڪليندا آهن؟ ڇو نٿا ڳوٺن جي غريب ٻارن کي به انگريزي ميڊيم ۾ پڙهڻ جو موقعو ڏيو؟ ڳوٺن ۾ جيڪي ننڍڙا سنڌي ميڊيم اسڪول آهن، تن ۾ ڇو نٿا انگريزي پرائمري ڪلاس به شروع ڪرايو؟ اوهان کي ڄاڻ نٿي پئي ته اوهان ڪيئن ننڍڙن ڳوٺن جي ننڍڙن معصوم ٻارن جي مستقبل ۾ ترقيءَ کان روڪي رهيا آهيو. اوهان کي ۽ اوهان جي ٻارن کان سنڌي ڳالهائڻ ڪو به کسي نٿو سگهي، پر ٻارن جي مستقبل خاطري وارو ڪرڻ لاءِ کين انگريزي پرائمري اسڪول مهيا ڪريو. اوهان سنڌي ماسترن کان پڇو ته سندن ٻار ڇو انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ پڙهندا آهن؟ هن سوال جو جواب هنن وٽ ڪونهي.

.مون ۾ هاڻ سگهه ناهي جو وڌيڪ لکي سگهان. مان 37 سالن جو هوس جڏهن مون پنهنجو پهريون ڪتابڙو انگريزي ۾ لکيو هو ۽ مان 40 ورهين جو هوس جو مون پنهنجو پهريون سنڌي ڪتابڙو لکيو هو. عمر جي لحاظ کان مان تمام وڏو 75 سالن جو آهيان پر تجربي جي لحاظ سان مان تمام ننڍڙو آهيان، جيڪي مون کي ڪرڻو هو، سو مون ڪري ڇڏيو، يا مون کان ٿي ويو. ڳالهائڻ ۾ جيڪو مون کي ڳالهائڻو هو، سو مون ڳالهائي ڇڏيو يا منهنجي واتان نڪري ويو ۽ لکڻ لاءِ جيڪي ڪجهه هوم، سو گهڻي قدر پاڻمرادو لکجي ويو. هاڻ مون وٽ ڪجهه ناهي سواءِ ماڻهن جي خرافات ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي.

.صديون اڳ ڊاڪٽر آر اي شاهه واري معاملي ۾ امر جليل بلڪل کليل لفظن ۾ شاهه صاحب کي سمجهايو هو ته حليم سان زيادتي نه ڪر. امر جو اهو مضمون اڄ به پڙهڻ جهڙو آهي، مون امر کي مهرباني جو خط به نه اماڻيو هو. امر مجهي ياد هي وه ذره ذره تمهين ياد هو که نه ياد هو. ان کان به ڪيئي صديون اڳ جڏهن امر جليل ريڊيو حيدرآباد ۾ آفيسر هو، تڏهن منهنجا مضمون بنان پڙهڻ يا غور سان ڏسڻ جي او ڪي ڪري ڇڏيندو هو، ڪمال جو اعتماد هو، هن جو مون ۾.

.۽ هاڻ آهي ڪي ٽي اين. مون کي افسوس آهي ته مون پنهنجو ڪتاب SEEDS امر جليل ڏانهن نه اماڻيو، اسان حياتي ۾ شايد ٽي يا چار ڀيرا مليا آهيون ۽ هر ڀيري 5 يا 6 منٽ.