اهو سادو ماڻهو!

 

 

جمع 12 سيپٽمبر  2008ع 

 

                 سنڌالاجي ۾ محمد قاسم ماڪا مون کي الائجي ڪهڙي ڳالهه تان دٻايو هو، مون کي گهڻا دڙڪا ڏنائين. جيڪڏهن مان جسماني طرح مئل نه هجان ها ته شايد ڌڪ به هڻي ها. مون سمجهيو ته ماڪا مون کي ڊائريڪٽر مئڊم مهتاب راشديءَ جي چئي تي دٻايو آهي ۽ مون سڌو وڃي ميڊم کي چيو. ميڊم چيو ته سندس ڪو به واسطو انهيءَ ڳالهه سان نه هو، نتيجو ڇا ٿيو؟ نتيجو اهو ٿيو ته مان ميڊم مهتاب جي نظرن ۾ ڪري پيس، ائين مان پنهنجن افعالن سان اهي سڀيئي وڻ ساڙيندو آيو آهيان، جن جي ڇانءَ ۾ مان اس کان بچندو هوس. گهڻو پوءِ جڏهن مون کي ماڪا مليو تڏهن تمام سٺي نموني مليو ۽ مان خوش ٿي ويس. ڪم ته منهنجا آڏا ابتا هئا، پر مون ميڊم کي کلايو به گهڻو هو. ميڊم جيڪا مدد منهنجي ٻارن جي ڪئي، سا اسان کي اڃا تائين ياد آهي.

شيطان ۽ آدم وارو معاملو معمولي ڳالهه ناهي. حضرت آدم عليه السلام به الله تعاليٰ جو چيو نه مڃيو هو، پر هن پنهنجي غلطي محسوس ڪئي ۽ معافي گهري. شيطان جي انڪار ۾ تڪبر ۽ غرور هو. مون جيڪي غلط ڪم ڪيا، تن ۾ منهنجو غرور ۽ تڪبر شامل هو. مون کي منهنجو ڪو به اهڙو ڪم ياد نٿو اچي، جنهن ۾ منهنجي ٽرڙائپ شامل نه هجي. الله تعاليٰ جي حڪم تي سڀيئي فرشتا حضرت آدم عليه السلام اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا سواءِ شيطان جي. آدم اڳيان نه جهڪڻ اهو ڏوهه آهي، جيڪو ابليس ڪيو. مون ڪافي ڪتاب پاڻ ڇپرايا، پر مون ڪنهن به ڪتاب لاءِ ڪو به ديباچو ڪنهن وڏي حيثيت واري کان نه لکرايو، فقط هڪڙو ڪتاب، جنهن جو نالو ياد نه آهي، تنهن لاءِ مون ميڊم مهتاب کان ديباچو لکرايو هو.

اهو ڀلا ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پنجاب صوبو ڪالا باغ ڊيم تان ئي هٿ کڻي ويو هجي! منهنجو خيال آهي ته منهنجي نظربندي ڪئي وئي آهي، جيئن سنڌ صوبي کي ٿر آباد ڪرڻ جو فڪر آهي، تيئن پنجاب صوبي کي چولستان آباد ڪرڻ جو فڪر آهي. مان سياستدان ڪڏهن کان ٿيو آهيان، جو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه پيو ڪريان؟ مون هڪڙو خواب ڏٺو آهي. مون ڏٺو آهي ته بياس ندي ڦري گهري راجسٿان کي آباد ڪندي ٿر کي آباد ڪري ننگر پارڪر مان لنگهندي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي. هن خواب جي تعبير اوهان ڏسندا. بياس نديءَ کي سنڌي تاريخ نويس وياس لکندا هئا، اوهان ننگر پارڪر کي غور سان ڏسو، ڪنهن زماني ۾ اتان بياس ندي لنگهندي هئي. دراصل بياس نالو غلط آهي، حقيقي اصل اچار وياس آهي. منهنجون ڳالهيون آسماني ناهن، مون سنڌ جي تاريخ کي چڱي طرح اٿلايو پٿلايو آهي.

منهنجي هڪڙي دوست قمر سميجو جي بدلي ڪراچي کان حيدرآباد فقط ان ڪري ٿي هئي ته جيئن هو صاحب مون کي عمرو به ڪرائي، منهنجو علاج به ڪرائي، منهنجي دل جي آپريشن به ڪرائي، مون کي سڌي واٽ تي به بيهاري. جڏهن هن اهي سڀيئي ڪم ڪري ڇڏيا، تڏهن هن جي بدلي وري ڪراچي ٿي وئي. هن کي ڄاڻ ناهي ته مان سڌي واٽ تان وري به ٿڙي ويو آهيان. منهنجو ڇا ٿيندو؟ ٻوٽيون ٺهنديون يا منهنجو قيمو ٿيندو؟ فقط رب ٿو ڄاڻي ته منهنجو ڇا ٿيندو. جيڪڏهن مون فارسي شاعر حافظ جي شاعري جو به ترجمو ڪيو هجي ها ته مان اڄ امن ۽شانتي ۾ هجان ها. شاعريءَ ۾ فارسي شاعري جو جواب ناهي. شاهه لطيف جا شعر جي ٻڌڻا هجن ته سوجهري کان ٻڌو، هڪڙو هڪڙو لفظ مڪمل زيرن زبرن سان اچاريندو آهي. شاهه لطيف بابت منهنجو دماغ سوجهري ٺڪاڻي آندو آهي. ولي رام ولڀ کان مون ڪنهن زماني ۾ پڇيو هو ته اهو ولڀ ڇا آهي؟ هن صاحب چيو هو ته سندس وڏا به پنهنجن نالن سان ولڀ لکندا هئا. گهڻو پوءِ جڏهن مون هندستان جي تاريخ پڙهندڙي ڪاٺياواڙ جي تاريخ پڙهي ته مون کي ڄاڻ پئي ته ولڀ گهراڻو سوراشٽر جي حاڪم گهراڻن ۾ وڏو نالو هو. پاڻ ڪاٺياواڙ چوندا آهيون پر اصل نالو ان ايراضيءَ جو سوراشٽر آهي. ولي رام جهڙو ٿڌو ۽ سمجهو ماڻهو مون ڪو ٻيو ناهي ڏٺو. ڪتابن جا ترجما ڪرڻ لاءِ بي انتها صبر کپي، ولي رام گهٽ ۾ گهٽ به پنجاهه سٺ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آهن. هندي تي سٺي مهارت اٿس پر مڃيندو نه. مان پاڻ ٿورڙي هندي سکي ويو هوس، جا مون کان وسري وئي.

جڏهن ڪو بروهي ڳالهائيندڙ ملندو آهي ته مان شرمسار ٿيندو آهيان، جو مون کي بروهي ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي. ارغ ڪنيس معنيٰ ماني کائيندي ۽ ڪانِ بروهي بفق معنيٰ مون کي بروهي نٿي اچي. مونو چئبو آهي پئسي کي ۽ باسونو دير چئبو آهي گرم پاڻي کي. بس ائين ٻه چار لفظ سکي ويو آهيان. زمانو بدلجي ويندو آهي، دنيا بدلجي ويندي آهي، هي ڪالم لکندي لکندي مون کي ياد ڪرڻو پوندو آهي ته مان ڇا ڪجهه اڳي ڇپائي چڪو آهيان ته جيئن ورجاءُ نه ڪريان، پر ته به ورجاءَ ٿي ويندو آهي، جنهن کي عام طرح ميوزڪ جو سرگرم چئبو آهي، سو به بروهي اکرن سان جڙيل آهي. اوهان ڪنهن به پوڙهي بروهيءَ کان پڇو ته ساري، گاما، پا، دا، ني، سا جو مطلب ڇا آهي ته هو صاحب پهرين ته ڪنفيوزڊ ٿي ويندو، پر جڏهن اوهان چوندا ته ساري، گا، ما، پا، ني، دا، سا جو مطلب ڇا آهي ته هو صاحب اوهان کي ٻڌائيندو ته ان جو مطلب آهي ته منهنجا پيارا تون منهنجي پويان ائين چوندو اچ، جيئن مان پيون چوان. ماڊرن بروهي جو رنگ ڍنگ ڪجهه بدليل آهي.

آمريڪي ڪتابي دنيا ۾ جيمس مچنر جو نالو تمام وڏو آهي. اسي پنجاسي ورهين جي ڄمار تائين باقائده تحقيقاتي قسم جا تاريخي ڪتاب لکندو رهيو. نوي ورهين جي عمر ۾ هن چار ڪتاب لکڻ جو پروگرام ٺاهيو، جنهن مان پهرين ڪتاب جو ديباچو ڪجهه هن ريت آهي: اسان ٻار هئاسين جڏهن اسان جي گهرن ويجهو هڪڙو تمام گهڻو پراڻو صوف جو وڻ هو، جيڪو صوف ڏيڻ بند ڪري سڪي پوٺو ٿي ويو هو. هڪڙي ڏينهن اسان ڏٺو ته هڪڙو پوڙهو انهيءَ پوٺي وڻ ۾ پاڙ وٽ پراڻا ۽ زنگ کاڌل وڏا ڪوڪا پيو هڻي. اسان پڇيو ته هو ڇا پيو ڪري؟ هن جواب ڏنو ته مان هن وڻ ڏانهن نياپو پيو موڪليان. پوءِ انهيءَ سال اسان ڏٺو ته انهيءَ سڪل پوٺو ٿيل وڻ تمام گهڻا سٺا ۽ مٺا صوف جهليا. مان پاڻ به پنجاسي ورهين جي ڄمار ۾ سڪل ۽ پوٺو ٿيل صوف جي وڻ وانگي آهيان ۽ منهنجي جسم ۾ ڀڳل يا کسڪيل هڏن جي جاءِ تي ڌاتوئي اوزار لڳل آهن ۽ منهنجن ڏندن مان به ڪن جي جاءِ تي ڌاتوئي ڏند لڳل آهن، تنهن ڪري مان به پنهنجي عمر جي آخري حصي ۾ سٺا ڪتاب ڏيندس. اها مٿي لکيل ڳالهه جيمس مچنر جي آهي. مان جيمس مچنر نه آهيان ۽ نه مان ايترو گهڻو پوڙهو آهيان. مون کي فقط زماني جي گردش ماري اپاهج ڪري ڇڏيو آهي، پر منهنجو خيال آهي ته مان شايد ڪجهه سٺو لکي وڃان.

هڪڙي ننڍڙي آکاڻي آهي آسڪروائلڊ جي، جيڪا ڪجهه شعر وانگي آهي. پاڪ صاف سٿري ڳالهه آهي. اها عجيب ڳالهه آهي پاڪ صاف ۽ سٿري لکڻين باوجود به آسڪر وائلڊ پنهنجي حياتي جي آخري دور ۾ ذليل ۽ خوار ٿي جيل ويو ۽ ستن سالن کانپوءِ جڏهن جيل مان نڪتو ته جيل جي در تي ڪو به ماڻهو کيس وٺڻ به نه آيو ۽ ها، جيڪڏهن اوهان مارڪ ٽئن جي ڊگهي آکاڻي دَ مِسٽيريس اسٽرينجر نه پڙهي آهي ته پڙهي وٺو. اها آکاڻي به مان اوهان لاءِ ترجمو ڪندس.