عيب ۽ صبر!

 

 

ڇنڇر 11 آڪٽوبر   2008ع 

 

اوهان ۾ ڏهه عيب هجن، پنجاهه برايون هجن ۽ سئو نقص هجن، پر جي اوهان وٽ صبر آهي ته اوهان خوش نصيب ثابت ٿيندا. اوهان ۾ پنجاهه گُڻ هجن، سئو چڱايون هجن ۽ هزار ڀلايون هجن، پر جيڪڏهن اوهان وٽ صبر ناهي ته اوهان بدنصيب ثابت ٿيندا. اهو قدرت جو قانون آهي، اهو الله پاڪ جو فرمان آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ صبر ناهي ته اوهان پنهنجين هزارين چڱاين سميت بدنصيبي جي طوفان ۾ لڙهي ويندا. اوهان مون تي اعتباد ڪريو، مان غلط نه پيو چوان. مان پاڻ ڌک کاڌل آهيان، ڌڪ کاڌل ماڻهو غلط ڳالهائڻ جي قابل ئي نه رهندو آهي. ننڍپڻ کان ٻڌندو آيس ته حضرت ايوب عليه السلام جو صبر ياد ڪريو، پر مون ڪڏهن به توجهه نه ڏني ته ڇا هو ان صبر ۾، ۽ ڇو اهو صبر ياد ڪريان. شايد سمجهائڻ وارا سمجهائي نه سگهندا هئا، يا شايد مان سمجهڻ کان لاچار هوس. ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ وارا فقط ايترو چوندا هئا ته حضرت ايوب عليه السلام جي جسم ۾ ڪيئان پئجي ويا هئا ۽ هن ايترو صبر ڪيو هو، جو جڏهن اهي ڪيئان جسم تان ڪري پوندا هئا ته هو انهن کي کڻي جسم تي رکندو هو. اها سمجهاڻي نامڪمل هئي، اها سمجهاڻي اهو نه سمجهائيندي هئي ته حضرت ايوب عليه السلام ڪهڙي ڳالهه تي، ڇا کان ۽ ڇا تي صبر ڪيو هو ۽ پوءِ ڇا ٿيو هو. ليکڪن جون لکيل معمولي ڳالهيون ته اوهان پڙهندا آهيو، پر صدين کان هلندڙ مذهبي ڳالهيون اوهان درگذر ڪيو ڇڏيو. اهو غلط رويو آهي، فقط ايترو ڌيان رکو ته جا ڳالهه صدين کان هلندي پئي اچي، تنهن ۾ ضرور ڪا صداقت، ڪا سچائي هوندي. ضرور ڪو سبق هوندو، ضرور ڪا نصيحت هوندي. جڏهن اوهان بي صبرا هوندا آهيو، تڏهن اوهان اهڙيون ڳالهيون نه پڙهندا آهيو، جهڙيون مان هاڻ پيو لکان. ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي تنهن ڪري پراڻي ڳالهه آهي، پر ان ڳالهه ۾ هر دور لاءِ نواڻ آهي.

حضرت ايوب عليه السلام الله پاڪ جو خاص بندو هو. هو الله تعاليٰ جي ساراهه ڪندو هو، هن جا گڻ ڳائيندو هو ۽ هن جي عبادت ڪندو هو. الله تعاليٰ هن تي گهڻو مهربان هو ۽ هن کي تمام گهڻو مال متاع ڏنو هئائين، ٻنيون، ٻارا ۽ زمينون جام هيس، هن کي تمام گهڻومال متاع ڏنو هئائين، ٻنيون،ٻارا ۽ زمينون جام هيس، گهر جڳهيون ڳڻپ کان مٿي هيون، رڍون، دنبا، اٺ ۽ ٻيا ڪمائتا جانور سون ۽ هزارن ۾ هئس. هن کي ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون هيون. الله تعاليٰ هن مان خوش هو، سو الله تعاليٰ شيطان کي چيو ته تون ايوب عليه السلام کي ڏس ته ڪيئن ٿو مون کي ڀائين ۽ ڪيئن ٿو منهنجي ساراهه ڪري. شيطان جواب ڏنو ته اهو فقط ان ڪري آهي جو توهان هن کي مال متاع جام ڏنو آهي، جيڪڏهن اهو مال متاع هن کان کسجي وڃي ته هو تنهنجي ساراهه ڪرڻ ڇڏي ڏيندو ۽ توهان تان هٿ کڻي ويندو. الله تعاليٰ چيس ته تون ڀلي هن کان سڀ ڪجهه کسي وٺ، پر هن جي  جسم کي نقصان نه پهچانجاءِ. سو شيطان پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. (ناتجربيڪار جديد ذهن اها ڳالهه قبول نه ڪندو).

ايوب عليه السلام جون زمينون، ٻنيون ٻارا سڪي برباد ٿي ويا، فصل وغيره تباهه ٿي ويو، جايون جڳهيون ڊهي پٽ ٿي ويون، آسماني بجلي ڪرڻ سان  سڀئي جانور سڙي مري ويا، جڳهه ڊهي ڪري پئي ۽ خوشيون ڪندڙ سندس ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون دٻجي مري ويا. ايوب عليه السلام اهو حال ڏسي پنهنجو پهريل جبو ڦاڙي ڇڏيو ۽ الله تعاليٰ کي چوڻ لڳو ته، توهان هي ڇا ڪيو، مون توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو تو مون کي هي سزا ڏني آهي!

الله تعاليٰ شيطان کي چيو ته، ڏس ايوب اڃا تائين به مون ڏانهن رجوع آهي ۽ مون ڏانهن ئي نهاري رهيو آهي. شيطان چيس ته ماڻهو مال متاع ڏيئي به پنهنجو جسم بچائيندا آهن، سو جيڪڏهن ايوب جي جسم تي سختي آئي ته ايوب بدلجي ويندو ۽ توهان تان هٿ کڻي ويندو. الله تعاليٰ چيس ته توکي موڪل آهي ته هن جي جسم تي سختي ڪر، پر هن جي حياتي کي نقصان نه پهچي (ناتجربيڪار ذهن پنهنجي ذهانت ڪري هي ڳالهه به قبول نه ڪندو) سو شيطان حضرت ايوب عليه السلام جو جسم پيرن جي کڙين کان وٺي مٿي تائين ڦرڙين سان ڀري ڇڏيو ۽ هو ٺڪريءَ جي ٽڪر سان پنهنجون ڦرڙيون مهٽڻ لڳو. زال چيس ته توهان الله تعاليٰ کي ڇڏي ڏيو جنهن توسان اها ائين ڪيو آهي. پر جواب ڏنائينس ته ڇا مان الله تعاليٰ طرفان مليل فقط مهربانيون ۽ سٺيون شيون قبول ڪريان ۽ سندس طرفان مليل ڏکيون ۽ تڪليفون ڏيندڙ شيون ڌڪاري ڇڏيان؟ ڇا مان راحت ۾ الله تعاليٰ ڏانهن جهڪان ۽ تڪليف ۾ الله تعاليٰ تان هٿ کڻي وڃان؟ اها آهي هن قصي جي شروعات، اصل ڳالهه اڃا اڳتي آهي. اناڙي به آهيان ۽ آئوٽ آف پرئڪٽس به آهيون، منهنجي سڌي لکڻ کي دل ۾ جاءِ ڏيندا.

حضرت ايوب عليه السلام پنهنجو مال متاع، اولاد، صحت وڃائي به الله تعاليٰ کي ئي چوندو رهيو ته توهان هي ڇا ڪيو؟ توهان هي ڇو ڪيو، جو منهنجو سڀ ڪجهه برباد ٿي ويو ۽ منهنجو جسم ڪينئن سان ڀرجي ويو آهي؟ مون وٽ جيڪي ڪجهه هو، سو سڀ ڪجهه توهان جو ڏنل آهي، سو مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو، جو توهان اهي سڀ شيون مون کان کسي ورتيون؟ توهان مون تي مهربان هئا، توهان منهنجي هٿ ۾ برڪت ڏني هئي، مان جنهن شيءِ کي هٿ لڳائيندو هوس ته اها ملڪيت بنجي ويندي هئي، مان جنهن ڪم ۾ هٿ وجهندو هوس ته اهو وڏو فائدو ڏيندو هو، پر پوءِ توهان هي ڇا ڪري ڇڏيو؟

مطلب ته حضرت ايوب عليه السلام الله تعاليٰ کي ئي ٻاڏائيندو آيو. هن جو ذهن الله تعاليٰ تان نه هٽيو. هن هي نه چيو ته فلاڻا ڇو منهنجا اٺ ڪاهي ويا، يا فلاڻا ڇو منهنجون رڍون  ۽ ٻيو مال کڻي ويا. هو الله تعاليٰ کان ئي پڇندو رهيو ته جيڪڏهن توهان مون تي اهي مهربانيون ڪيون هيون ته اهي مهربانيون ڇو مون کان کسيون ويون آهن. حضرت ايوب عليه السلام جا هڪڙا ٽي دوست هئا، جن کي هن جو فڪر به هو ۽ افسوس به هو. هو ٽيئي هن وٽ آيا، هن کي تسلي ڏيڻ لاءِ ڳالهايو ته انهن ٽنهي الڳ الڳ هو، پر مان ٽنهي جو ڳالهائڻ هڪ جاءِ گڏ ٿو ڪريان. هنن ٽنهي دوستن جو ايوب عليه السلام کي چوڻ هو ته الله تعاليٰ بنا ڪنهن سبب جي سزا نه ڏيندو آهي، جو هو رحيم ۽ رحمان آهي. توتي مهربان هو، جو تون سڌي رستي تي هيئن، تو ڪو به آڏو ابتو يا ڏنگو ڦڏو ڪم نه ڪيو، تون نيڪ ۽ صالح هئين، تون الله تعاليٰ جو تعبيدار بندو هئين، تنهنجي فطرت ۾ ڪو ڦير نه هو. تون الله تعاليٰ جون خاصيتون بيان ڪندو هئين ۽ هن اڳيان جهڪندو هئين، پر هو جو توتي ڪاوڙيو آهي، سو ضرور تو ڪا غلطي ڪئي آهي، ڪو ڏوهه ڪيو آهي، ڪو گناهه ڪيو آهي، جا ڳالهه هن کي به نه وڻي آهي. هو هر ڪنهن ڳالهه جو ڄاڻون آهي، هن کي تنهنجي هر هڪ غلطي، ڏوهه، گناهه جي ڄاڻ آهي. جيڪڏهن توکي پنهنجي ڏوهه، غلطي يا گناهه جي ڄاڻ ناهي ته اها تنهنجي غلطي ۽ تنهنجو نقص آهي، الله تعاليٰ مهربان آهي ۽ هو بنا ڪنهن سبب جي ناهي ڏمربو، تون معافي گهر ۽ توبهه ڪر، هو معاف ڪندڙ ۽ معافيون ڏيندڙ آهي، تون الله تعاليٰ سان سندس شڪايت نه ڪر، تون پاڻ ۾ ڪا ڏنگائي ڳولهه.

ايوب عليه السلام ٽنهي دوستن کي الڳ الڳ جواب ڏنا، پر مان انهن ٽنهي جوابن کي هڪ هنڌ رکان ٿو. هن چيو ته مون ڪو به ڏوهه نه ڪيو آهي، مون ڪا به غلطي نه ڪئي آهي ۽ مون ڪو به گناهه نه ڪيو آهي، مان الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهيان، جنهن ۾ ذري به کوٽ ناهي. الله تعاليٰ اڳيان منهنجي جهڪڻ ۾ ذرو به عار نه رهيو آهي، الله تعاليٰ کي سجدو ڪرڻ ۾ منهنجي دل به سجدي ۾ هوندي آهي، مون کيس ڀانيو آهي، مون کيس چاهيو آهي ۽ هو ئي منهنجو معبود آهي، پوءِ مون کي هيءَ سزا ڇا جي آهي؟ اوهان چئو ٿا ته مون ڪو ڏوهه ڪيو آهي، پر مون ڪنهن جو به حق نه ماريو آهي، مون ڪنهن کي به نه ستايو آهي، منهنجي اک ۾ ڪڏهن به مير نه آئي آهي. مون ڪڏهن به ڪنهن عورت ۾ بري نيت نه رکي آهي. مون ڪڏهن به ڪنهن ٻئي جي شيءِ يا ملڪيت کي لالچي اکين سان نه ڏٺو آهي، مون ڪنهن جي به امانت ۾ خيانت نه ڪئي آهي، سو اوهان اهي تهمتون مون تي نه هڻو. مون تي ڪو به ڏوهه، يا گناهه نه ڪيو آهي، جو مان سدائين الله تعاليٰ جو غلام ۽ ٻانهو رهيو آهيان. منهنجو عرض الله تعاليٰ کان آهي ته هن مون کان سندس ئي ڏنل نعمتون ڇو موٽائي ورتيون آهن ۽ آخر منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، جڏهن مون ڏوهه ئي نه ڪيو آهي! مون کي الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏنو، مال ماع، دولت ملڪيت، سهنج، آرام، اولاد ۽ عزت. مون کي الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏنو، جن جو مان عادي ٿي ويس ۽ اهو سڀ ڪجهه مون کان کسجي ويو آهي، مان ماڻهن جي نظرن ۾ اچي ويو آهيان ۽ ڏٺو ٿي ويو آهيان. مون کي ڪنهن کان ڪا به شڪايت ناهي، منهنجو عرض الله تعاليٰ کان آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، جڏهن مون ڪو به گناهه يا غلط ڪم نه ڪيو آهي، جڏهن منهنجي عبادت ۾ ڪا به ڪمي يا گهٽتائي نه آئي آهي.

حضرت ايوب عليه السلام جي انهن ٽن دوستن سان چوٿون به گڏ هو، جيڪو انهن ٽنهي کان عمر ۾ ننڍو هو. هن چيو ته سمجهه جو عمر سان تعلق ناهي، مان اوهان ٽنهي کان ننڍو آهيان، پر ڏسان پيو ته اوهان ٽيئي غلط آهيو. هن ڪو به ڏوهه يا گناهه يا غلط ڪم نه ڪيو آهي ۽ نه هن جي عبادت ۾ ڪو ڦير يا گهٽتائي آئي آهي، پر ايوب عليه السلام به غلط بحث پيو ڪري، جيڪڏهن هو الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهي ته هن الله تعاليٰ تي ڪا مهرباني نه ڪئي آهي، جيڪڏهن هن ڪو ڏوهه يا ڪا غلطي يا گناهه نه ڪيو آهي ته هن الله تعاليٰ تي ڪو ٿورو نه ڪيو آهي، الله تعاليٰ مالڪ آهي، جهانن جو ۽ سڄي ڪائنات جو، هو بي پرواهه ۽ لاپرواهه بادشاهه آهي. عبادت يا گناهه هر ماڻهوءَ جا ذاتي فعل آهن، جن جو اجر يا سزا الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي، ته ڏئي يا نه ڏئي، ڇو ته هيءُ الله تعاليٰ جي عبادت ڪندو رهيو آهي ۽ ڪو به گناهه نه ڪيو اٿس، تنهن ڪري سمجهي ٿو ته الله تعاليٰ کي کائنس نعمتون ۽ رحمتون نه کسڻ کپنديون هيون. اها ڳالهه هن (حضرت ايوب عليه السلام) جي صحيح نه آهي. الله تعاليٰ ان ڳالهه کان بي نياز آهي ته هو ڪنهن کي ڇا ٿو ڏئي ۽ ڪنهن کان ڇا ٿو کسي. هن جو الله تعاليٰ تي ڪو به حق ڪونهي، هن وٽ الله تعاليٰ کان پڇڻ جو حق به نه آهي، جزا ۽ سزا سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي اختيار آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي رحمتون ڏئي يا تڪليفون ڏئي. سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي، الله تعاليٰ طرفان مليل نعمتن تي هن (حضرت ايوب عليه السلام) جو حق نه هو ۽ اهي نعمتون کسجي وڃڻ تي هن کي ڪو به حق ڪونهي، جو الله تعاليٰ کان شڪوه ڪري ته اهي نعمتون ڇو کسيون ويون. ۽ پوءِ الله تعاليٰ فرمايو ايوب (عليه السلام)سان، چيائينس ته، تون اتي هئين جڏهن مون ڌرتي جوڙي هئي؟ جڏهن مون ڪائنات ٺاهي هئي؟ جڏهن مون آسمانن ۾ سج، چنڊ، تارا ۽ گرهه بيهاريا هئا؟ جڏهن مون ڌرتيءَ لاءِ اتر، ڏکڻ ۽ اوڀر، اولهه مقرر ڪيا هئا؟ جڏهن مون تارن ۽ گرهن جون منزلون مقرر ڪيون هيون؟ جڏهن مون ڌرتيءَ تي سمنڊ ٺاهيا هئا، جن ۾ مون مڇيون ۽ ٻيا جانور پيدا ڪيا هئا؟ ڪنهن جي حڪم سان آسمان ۾ اڏامندڙ پکي هوا ۾ پنهنجو وزن قائم رکن ٿا؟ ڪنهن جي حڪم سان ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار جنم وٺي ٿو؟ ڪنهن جي حڪم سان مختلف جاندار جانور ڌرتيءَ تي آزاد گهمن ٿا؟ ڪنهن جي حڪم سان هي سڄي ڪائنات، ست ئي آسمان ۽ ڌرتي قائم آهن، ڪنهن جي حڪم سان اهو سڄو سلسلو پنهنجي منزل طرف هلي رهيو آهي؟

پوءِ حضرت ايوب عليه السلام الله تعاليٰ کان معافي گهري ۽ الله تعاليٰ حضرت ايوب عليه السلام جي ٽن دوستن مان مکيه کي چيو ته توهان ٽنهي جو بحث غلط آهي، منهنجي هن ٻانهي ۽ غلام ايوب جي عقيدت ۾ سچائي آهي، جو هن مون کان منهن نه موڙيو آهي ۽ مون ڏانهن ئي راغب رهيو آهي، اوهان ٽيئي قرباني ڪري پنهنجي بحث کان آجا ٿيو ته ايوب اوهان لاءِ دعا گهري. پوءِ حضرت ايوب عليه السلام جا ڏينهن ڦري ويا ۽ جيڪا مال ملڪيت هن کان وڃائجي ويئي، تنهن کان ڏهوڻ هن کي ملي. هن کي اولاد ۾ ست پٽ ۽ ٽي ڌيئرون مليون. اهو آهي قصو حضرت ايوب عليه السلام جي صبر جو. هن جون تڪليفون ڏسو ۽ هن جو صبر ڏسو ته ڪيئن هن الله تعاليٰ جي واٽ نه ڇڏي، سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي آهي ته ڪنهن تي ڪڏهن مهربان ٿئي ۽ ڪنهن کي ڪڏهن تڪليفن ۾ وجهي. پاڻ لاءِ ضروري فقط اهو آهي ته الله تعاليٰ جي در کانسواءِ ڪنهن ٻئي در ڏانهن نه نهاريون، صبر جي ڪا حد ئي ناهي.

مان ننڍو  هوندو هوس ته ڦڏا ڪندو هوس، وڏو  ٿيندو ويس ته ڦڏا وڌندا ويا، مان سڏبو ئي ڦڏئي هوس. سو جيڪڏهن منهنجو هي حال آهي، جيڪو آهي ته ان ۾ الله تعاليٰ جو ذمون ناهي، مون ۾ گڻن جي کوٽ نه هئي، فقط صبر نه هو.