اصول!

 

 

سومر 8 سيپٽمبر  2008ع 

 

                 جنهن کي اصول چئبو آهي، سو نظر جو دوکو آهي، اصولن تي هلندڙ فقط پاڻ لاءِ عذاب پيدا ڪندا آهن ۽ قيامت جي باهه جي بٺيءَ ۾ سڙندا پچندا رهندا آهن. آواره نالي فلم ۾ ڊائيلاگ هو ته، انهن ئي پنهنجن اصولن ڪري تو راڌا جهڙي سٺي زال وڃائي ڇڏي. اهو ڊائلاگ اڙدو ۾ هو پر مون سنڌي ترجمو ڏنو آهي. مان بي اصولو ماڻهو هوس، پر ڪن ٻن چئن اصولن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندي مون راڌا جهڙيون ڪيئي زالون وڃائي ڇڏيون. اصول وغيره ڪا به شيءِ نه آهن، فقط ڪو ضد هوندو، جنهن کي پاڻ اصول جو نالو ڏيندا آهيون، فقط ڪو ڦڏو هوندو آهي، جنهن کي پاڻ پنهنجو اصول سمجهندا آهيون، اوهان چوڌاري ماڻهن کي ڌيان سان ڏسو، فرحت، آرام ۽ سک ۾ فقط اهي آهن جيڪي ڪنهن ضد يا ڦڏي ۾ نه پيا آهن. اصول پرست ماڻهو فقط غلط فهميءَ ۾هوندا آهن، ته هو سوسائيٽي جا معزز فرد آهن. ڪي ماڻهو ڪنهن نوڪريءَ لاءِ سليڪشن ڪاميٽي جي ڪنهن ميمبر تي انفلوئينس هلائڻ لاءِ  ويا، ان ميمبر جواب ڏنو ته، ڪاميٽي جي اٺن ميمبرن مان ٽي آنيسٽ آهن ۽ مان انهن مان نه آهيان. اوهان يقين ڪريو ته اهو جواب مون کي گهڻو ڪجهه سيکاري ويو. آنيسٽ ماڻهوءَ جو ڪنهن سليڪشن ڪاميٽي ۾ ڪهڙو ڪم!؟

مان يونيورسٽيءَ ۾ ڏيڍ سال سيڪريسي آفيسر هوس. اوهان رڪارڊ ڏسو، سڀيئي پيپر مون پاڻ سائڪلو اسٽائيل ڪيا هئا، پر منهنجي ڌيءَ مئٿس جي پيپر ۾ فيل ٿي وئي ۽ سال وڃائجي ويس. اهو واقعو اڄ  تائين مون کي منهنجي دل تي وڇونءَ وانگي ڏنگ هڻندو آهي. مون گهر ٻاري ڏياري ڪئي هئي.

چوڌاري ڏسو ۽ غور سان ڏسو، ڀرتيون ۽ سليڪشن ڪاميٽيون وغيره نظر جودوکو آهن. جنهن کي ميرٽ يا لياقت چئبو آهي، سو پيسي جو ڪمال آهي، اها انساني سوسائيٽي ناهي، جنهن ۾ پاڻ ڦاٿل آهيون، پاڻ جهنگ جي جهنگلي سوسائيٽي جا فرد آهيون. پاڻ اوائل کان ئي اهڙا آهيون، پر هيل تائين غلط فهمين ۾ مبتلا رهيا آهيون. جنهن کي هيومن يا انساني سوسائيٽي چئبو آهي، سا ڪئناڊا ، يورپ ۽ آسٽريليا ۾ آهي، پاڻ جهنگ جا باشندا هئاسين ۽ جهنگ جا باشندا رهنداسين، منگول حملو ڪري اچن ته پنهنجي جند آزاد ٿئي.

شاباس هجي ڪمپازيٽر کي جيڪي منهنجون سٽون سڌيون بيهاريندا آهن، مان  لکندو آهيان ته سٽون کاٻي پاسي هيٺ لڙيو وڃن. مون کي افضل شيخ ياد آهي، جيڪو يونيورسٽيءَ جي شاگرد ليڊرن ۾ ڳڻبو هو. هو شاگردن جي ليڊري ڪندي به پڙهائيءَ ۾ هوشيار هو ۽ ڦڏي هوندي به بلڪل ڊيسينٽ هو، هن ۾ انسانيت هئي. شايد فزڪس ۾ ايم ايس سي ڪري شڪارپور ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿي ويو هو، هاڻ جي خبر ناهي. مون کي لاکير ڀائر به ياد آهن، ٻرڙو به ياد آهي ۽ منگي به ياد آهي، سڀيئي وڏا ماڻهو ٿي ويا آهن. لاڙڪاڻي وارو رضوان آرٽسٽ، مدر گئلري جو خالق، عام آرٽسٽ ناهي. هن ۾ غير معمولي صلاحيتون آهن، اهي صلاحيتون مون سنڌ ۾ بلڪه هن ملڪ ۾ ڪنهن به آرٽسٽ ۾ نه ڏٺيون آهن. منهنجي تصوير ٺاهيندو ته منهنجي اندر جا اڌمان ۽ جذبات به ان تصوير جي چهري تي اڪري ايندا. هو فوٽوگراف نه ڇاپيندو آهي، هو تصوير جواندر تصوير جي چهري تي آڻي ڇڏيندو آهي. مان هن کي تڏهن کان سڃاڻان، جڏهن هو حيدرآباد ۾ ماستري ڪندو هو ۽ چيڪي مٽيءَ جا مجسما ٺاهيندو هو. سندس فوٽوگرافي جو دڪان سندس ٻار هلائيندا آهن. ڪنهن زماني ۾ مان شام جو لاڙڪاڻي پهتو هئس ۽ فجر مهل موٽي آيو هوس، سو مون لاڙڪاڻو نه ڏٺو آهي. لاڙڪاڻي ۾ مئٿميٽيشن سليم ڪورائي به رهندو آهي، جيڪو ڪنهن زماني ۾ آکاڻيون به لکندو هو، جن جا نالا مون ورتا آهن سي سڀيئي سڌري ويا آهن، مان کري ويو آهيان. مون سوچيو ته ڪا موٽر سائيڪل چوري ڪريان، پر پيٽرول جو چڙهندڙ اگهه ڏسي مان سمجهي ويس ته موٽر سائيڪل مون کي گلي پئجي ويندي، پوءِ مون سوچيو ته ڪا موٽر چوري ڪريان پر پيٽرول جو چڙهندڙ اگهه ڏسي مون فيصلو ڪيو آهي ته هوائي جهاز چوري ڪبو. ملڪ جا حاڪم وڏا فلسفي آهن، هنن پيٽرول جو اگهه فقط ان ڪري وڌايو آهي ته جيئن موٽر سائيڪلن ۽ موٽر جي چوري ۽ ڦرلٽ بند ٿئي. هاڻ فقط ڪو چريو چور يا ڦورو هوندو جيڪو موٽر سائيڪل يا موٽر ۾ هٿ وجهندو.

قرآن پاڪ ۾ آهي ته الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي ۽ مان ننڍپڻ کان ئي بي انتها بي صبرو هوس. منهنجي فطرت ۾ ئي صبر جو ذرڙو به شامل نه هو، هر ڪنهن ڳالهه لاءِ مان هينئر ۽ هاڻي ۽ هن گهڙي تي ضد ڪندو هوس. امان لاءِ عذاب هوس ۽ بابا مون کي چوندو هو ته تون اهڙا ڪم ڪرين ڇو ٿو جو پوءِ معافيون گهرندو وتندو آهين. غلط ڪم ڪري ۽ غلط ڳالهيون ڪري پوءِ معافي پنڻ منهنجي فطرت جو مکيه جزو آهي. غلط نموني جي زندگي گذارڻ کانپوءِ هاڻ ٻڍاپي ۾ مان فقط اهو سکيو آهيان ته معافي دير سان گهرندو آهيان ۽ دير سان معافي گهرڻ لاءِ به معافي گهرندو آهيان. سنڌ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي وارو عزيز سمون گذاري ويو. مون کيس هڪڙو ڀيرو الائجي ڇا چيو هو جو ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ ڏٺومانس ته روئي رهيو هو. مون کائنس معافي گهري کيس پرچايو هو، اهي هئا منهنجا ڪم. پر وڏي ڳالهه اڃا پوئتي آهي، وڏو گند ته اڃان اڳتي آهي. جيتوڻيڪ عزيز سمون جو ڪو به ڏوهه نه هو، پر مون کيس تمام بڇڙي نموني ڏنگيو هو. هو نيڪ انسان مون سان تمام گهڻو چڱو هليو هو ۽ مون کي سدائين عزت ڏني هئائين، پر مان توائي ٿي ويس ۽ پنهنجو نقصان ڪندي به هن تي عذاب ٿي نازل ٿيس. مان هوس ئي اهڙو مٿي ڦريل، پاڻ کي ڦاسائي به ٻين کي ڦاسائي ڇڏيندو هوس، پوءِ پويان قدم کڻندي پاڻ ئي ذليل ۽ خوار ٿيندو هوس. الائجي ڇا هو منهنجي فطرت ۾ جو غلط ۽ ابتو ڪم ڪري پوءِ روئي ڏيندو هوس. منهنجي فطرت جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ ڪو جزو هو، جيڪو مون کي ملامت ڪندو هو. مون پاڻ پنهنجي حياتي زهر ڪري ڇڏي، الله تعاليٰ مون کي ٺاهيو ئي اهڙو هو، پر خدا جي خلق کي ڇا ٻڌايان ۽ ڪيئن سمجهايان؟

پاڪستان ائٽم بم ٺاهي سگهي ٿو، سو اهڙي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ڇو نٿي ٺاهي وڃي، جا هڪ لٽر ۾ هزار ميل هلي؟ ۽ وزير اعظم الائجي ڪهڙن سرمائيدارن کي اپيل ڪئي آهي ته سرمايو ملڪ کان ٻاهر نه موڪلين. ملڪ ته سرمائيدارن سان سٿيل ۽ ڀريل آهي، جيڪي ماني به پيا کائن ۽ ساهه به پيا کڻن! جيڪڏهن سرمايو ٻاهر موڪلي ڇڏيائون ته ماني ڪيئن کائيندا ۽ ساهه ڪيئن کڻندا؟ ننڍي ماڻهوءَ کي وڏا ماڻهو ياد ايندا آهن ۽ ڏکايل ماڻهو کي سکيا ماڻهو ياد ايندا آهن. مون کي مولوي مجيد سومرو به ياد ايندو آهي، جيڪو هاڻ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ رڌل آهي. مان هن جي شاديءَ ۾ ويو هوس، جا مسجد ۾ ٿي هئي. غلام محمد ڀٽو هار ورتا هئا ۽ مسجد ۾ ٿيل اها شادي مون کي وڻي هئي. هڪڙو فلمي گانو آهي ته ذکر هوتا هي قيامت کا تو تيري زلفون کي بات هوتي هئي، سو مون کي به مجيد جي نالي سان مسعود لوهار ۽ تيرٿ جا نالا ياد ايندا آهن، مان الائجي ڪڏهن سکندس ته دنيا بدلجي وئي آهي، مون کي به هاڻ سڌري وڃڻ گهرجي.

اصل دادو جو پر هاڻ ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪندڙ احد سومرو مون کان سدائين پڇندو هو ته، سڌرڻ جو ڪو پروگرام آهي يا نه؟ ڪجهه ڏينهن اڳ ملڻ آيو هو ته اهو سوال نه پڇيو هئائين، تنهنجي معنيٰ ته مان شايد سڌري ويو آهيان. لکڻ جي عادت هڪ پٽ ۽ وڏو پاراتو آهي ۽ منهنجو لکڻ ڇا آهي؟ هڪ ڊگهي يخي جا روز اول کان پئي هلي. قرآن پاڪ ۾آهي ته، رات توهان جي آرام لاءِ آهي ۽ ڏينهن ان لاءِ آهي ته اوهان پنهنجي روزي ڪمائڻ لاءِ نڪري پئو. ڇو ته مون وٽ ڪو ڌنڌو ڌاڙي يا نوڪري وغيره ناهي تنهن ڪري مان لاڳيتو لکندو رهندو آهيان ۽ هي ماڻهو جيڪي رات جو ڪم ڪندا آهن سي انهن احڪامن جي پيروي ڇو نٿا ڪن؟ مان پاڻ به سڄيون راتيون ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندو هوس ۽ هاڻي پڇتايان ٿو. انگريزي ۾ منهنجي هڪڙي ننڍڙي لکت آهي ته مون هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو آسمان ڏانهن نهاريندي هٿ کڻي دعا گهري رهيو هو. پڇيومانس ته ڇا پيو ڪرين، چيائين ته آخر ته اوڏانهن مٿي وڃڻو آهي. چيومانس ته مون اڄ تائين ڪنهن به ماڻهو کي مٿي آسمان ڏانهن ويندي نه ڏٺو آهي، مون ته هر ڪنهن ماڻهوءَ کي زمين ۾ ڇهه فوٽ هيٺ ويندي ڏٺو آهي. مان هاڻ ڄاڻان ٿو ته جيڪڏهن مان صحيح موت مئس ته مان به مٿي آسمان ڏانهن ئي ويندس، في الحال منهنجا ٻئي هٿ مٿي آسمان ڏانهن کڄيل هوندا آهن.