مشاورت ۽ تحفظات!

 

 

اربع  پهرين  آڪٽوبر   2008ع 

 

                 جيڪو ڪم نه ڪرڻو هجي، تنهن جي باري ۾ مشاورت ڪرڻ گهرجي. اها مشاورت ڪڏهن اسلام آباد ۾، ڪڏهن ڪراچي ۾ ۽ ڪڏهن ڪاٺياواڙ ۾ ڪرڻ گهرجي. اهو ڌيان رکڻ گهرجي ته مشاورتي ڌرين ۾ ڪا اهڙي ڌر ضرور هجي، جيڪا هر ڀيري ڦڏو ڪري ته ان سان مشاورت نه ڪئي وئي. اهو مشاورتي معاملو يا سلسلو ايترو ته ڊيگهه وٺڻ گهرجي، جو جنهن معاملي بابت مشاورت ٿي رهي هجي، تنهن ۾ واسطيدار ڌريون ڇتيون ٿي مٿي جا وار پٽيندي ڀڄي وڃن، تنهن کان پوءِ اوهان ڌيرج ۾ صبر سان اعلان ڪريو ته انهيءَ معاملي بابت وڌيڪ مشاورت آفريڪا جي فلاڻي ملڪ ۾ ٿيندي. اهو لفظ مشاورت پاڻ کي نئون مليو آهي، ان جو پورو پورو فائدو وٺڻ گهرجي. پاڻ ته صلاح مشورو ڄاڻيندا هئاسين، مشاورت آهي ته الائجي ڇا، پر جيڪي ڪجهه آهي مزيدار آهي.

هر ڪنهن ملڪ ۾ حاڪميت به هوندي آهي ۽ مخالفت به هوندي آهي، پر پاڻ وٽ حاڪميت پاڻ پنهنجي مخالفت آهي. نتيجو ڇا ٿيندو، سا خبر الله تعاليٰ کي. پر نظر اچي رهيو آهي ته ڪا ڊگهي مشاورت هلي رهي آهي، جنهن ۾ ٻاهريون ڌريون به شامل آهن، معاملو ته الائجي ڇاجي باري ۾ آهي، پرمون کي اهو ناول ٿو ياد اچي، جنهن جو نالو هو ميونٽي آن ڊي بائونٽي. جيڪڏهن اوهان اهو ناول نه پڙهيو آهي ته جلد پڙهي وٺو، پوءِ نه چئجو ته اوهان کي خبر نه هئي.

ڪنهن هنڌ ڪو شاهينگ (ماڻهو) پنجاهه روپيا ڪيرائي ويو. اهي پيسا مون کي معتبر سمجهي ڏنا ويا ته جنهن جا هجن، سو جيڪڏهن ظاهر ٿئي ته هن کي ڏيئي ڇڏيان. ورهين جي ڳالهه آهي، ڪو به شاهينگ پيسا وٺڻ لاءِ نه آيو، مون پيسا کائي کپائي ڇڏيا. اڄ مون کي اوچتو اهو معاملو ياد آيو، مون ڪنهن غريب کي اهي پيسا ڏيئي پنهنجي ضمير جي جند آجي ڪئي آهي. جڏهن سڀئي بسون هليون ويون آهن، تڏهن مون کي خيال ٿيو آهي ته مون کي زڪوات به ڏيڻ گهرجي، منهنجو خيال آهي ته زڪوات ته فقير تي به فرض آهي.

ورها ورهيه گذري ويا آهن، مون ڪا قرباني نه ڪئي آهي، بلڪه صديون گذري ويون آهن، هاڻ رمضان گذري ويو، مون سڄي حياتي هڪڙو به روزو نه رکيو، سو منهنجو ڇا ٿيندو؟

هڪڙو ڪيس هو ڪنهن تمام ننڍڙي گڏهه جو، منهنجو مطلب آهي ته هڪڙي ننڍڙي گڏهه جي چوريءَ جو ڪيس هو ۽ مان جوابدار جو وڪيل هوس. منهنجي اصيل جو چوڻ هو ته اهو ننڍڙو گڏهه سندس پنهنجو آهي، هن چورايو ڪونهي ۽ کيس ئي ملڻ گهرجي. الائجي ڪير هو مئجسٽريٽ، پر ڪيس بلڪل معمولي هو، فرياديءَ اهو ننڍڙو گڏهه وچ بازار ۾ ٻڌل ڏٺو هو. منهنجي اصيل جو چوڻ هو ته اهو گڏهه سندس پنهنجو هو ۽ جيڪڏهن چوري ڪيل هجي ها ته هن اهو گڏهه وچ بازار ۾ بيهارڻ بدران ڪنهن هنڌ لڪائي بيهاريو هجي ها. شاهدي وغيره کانپوءِ بحث ۾ به مون اهو ئي چيو ته گڏهه منهنجي اصيل جو آهي ۽ جيڪڏهن چوري ڪيل هجي ها ته وچ بازار ۾ نه بيهاريل هجي ها. مئجسٽريٽ منهنجي اصيل کي ٽي مهينا جيل جي سزا ڏني ۽ پوءِ مون کي چيائين ته جيڪڏهن تون چئين ها ته اهو ننڍڙو گڏهه تنهنجي اصيل جو ناهي ته مان تنهنجي اصيل کي ڇڏي ڏيان ها. ڳالهه منهنجي وڪالت جي شروعاتي زماني جي آهي پر مون کي اڄ تائين اهو فيصلو سمجهه ۾ نه آيو آهي.

اوهان سمجهي ويندا ته هو ڪير هو....هو شهر ۾ وڏي گيٽ مان داخل ٿيو ۽ هوريان هوريان هلندي ۽ هيڏانهن هوڏانهن چوڌاري نهاريندي اڳتي وڌڻ لڳو. هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو هيرن، موتين، جواهرن کي حرص ۽ هوَس سان ڏسي رهيو هو. هن ان ماڻهو کي چيو ته، تون هي ڇا پيو ڪرين؟ ان ماڻهوءَ هن ڏانهن نهاريو، سڃاتائين ۽ چيائينس ته مان ته انڌو هوس، تون ئي ته هئين جنهن مون کي اکيون ڏنيون، سو جيڪڏهن مان هي به نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟ هو اڳتي وڌي ويو ۽ هوريان هوريان هلندي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پوءِ هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جنهن وٽ عورتون هيون. هن ان ماڻهو کي چيو ته تون هي ڇا پيو ڪرين؟ ان ماڻهو هن ڏانهن نهاريو، سڃاتائينس ۽ چيائينس ته مان ته ڪوڙهي هوس، اهو تون ئي ته هئين، جنهن مون کي ڪوڙهه کان آجو ڪيو، سو جيڪڏهن مان هي به نه ڪريان ته ڇا ڪريان؟ هو اڳتي وڌي ويو ۽ هوريان هوريان هلندي شهر جي پوئين گيٽ کان ٻاهر نڪري شهر کان پرتي وڃڻ لڳو، جتي هن هڪڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو زار و قطار روئي رهيو هو، هن پڇيس ته تون ڇو روئي رهيو آهين؟ ان ماڻهو ڏٺس، سڃاتائينس ۽ چيائينس ته مان ته مري ويو هوس، توئي ته مون کي جيئرو ڪيو هو، سو جيڪڏهن مان روئان نه ته ڇا ڪريان؟ اوهان ڄاڻي ويا هوندا ته هو ڪير هو، آسڪر وائلڊ جي لکيل هي لکت مون کي پسند آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ سوجهري مون کي فون ڪري ٻڌايو هو ته هن وٽ منهنجي ڪتاب سنڌ، سنڌي، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ساهت جي ڪاپي موجود آهي، اڄ جڳديش چيو پئي ته کيس اهو ڪتاب گهرجي، مان پڙهندڙن کي عرض ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري اهو ڪتاب پڙهو ۽ ڏسو ته مون ان ڪتاب تي ڪيتري محنت ڪئي هئي، تمام سولي سنڌيءَ ۾ مان سنڌ جي تواريخ لکي ويو آهيان، اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ آهي ۽ ٻئي حصا پڙهڻ جهڙا آهن، مون وٽ ناهن.

اڄوڪي سياست پاڻ کي هڪڙو ٻيو لفظ تحفظات به ڏنو آهي، معاملو ڪهڙو به هجي، ڪا نه ڪا ڌر ضرور چوندي ته ان معاملي تي اسان کي تحفظات آهن اهو چوڻ بدران ته انهيءَ معاملي ۾ فلاڻي ڳالهه تي اسان کي اعتراض آهي. جيڪڏهن اوهان چيو ته اوهان کي تحفظات آهن ته اوهان کي ڪامياب سياستدان ليکيو ويندو.

جديد سياست هن ملڪ کي بلڪل نئين رخ ۾ وٺي ويئي آهي، هرڪو پيو ڳالهائي، سڀيئي پيا ڳالهائين، ڪي گڏجي پيا ڳالهائين ته ڪي هوائن ۾ پيا ڳالهائين، ڪي جلسن ۾ پيا ڳالهائين ته ڪي ميٽنگن ۾ پيا ڳالهائين. مطلب ته سڀيئي پيا ڳالهائين. اهو سلسلو ڇهن اٺن مهينن کان پيو هلي، پاڻ ڏسون پيا ته انهن ڇهن اٺن مهينن ۾ ڪو به کڙ تيل (نتيجو) نه نڪتو آهي، پاڻ ڄاڻون به ٿا ته ان مان ڪو به نتيجو (کڙ تيل) نڪرڻو ناهي، ته پوءِ اهي جيڪي ڳالهائين پيا، سي ڪنهن کي بيوقوف پيا ٺاهين؟ منهنجي هڪڙي اک زيرو آهي، پر مان فقط هڪ اک سان ڏسي به سمجهي سگهان ٿو ته اسان کي ڪيڏانهن نيو پيو وجي، ٻن اکين وارن کي ته مون کان وڌيڪ سمجهه ۽ ڄاڻ آهي. هرڪو ٿو ڄاڻي ته اهي ڳالهيون فقط تيستائين دل وندرائڻ لاءِ آهن، جيستائين ڪو وڏو ٺڪاءُ نه ٿو ٿئي. ڳالهائڻ ۽ ڳالهين جي رفتار ٻڌائي ٿي ته اوچتو ئي اوچتو ڳالهيون بند ٿي وينديون ۽ ائڪشن شروع ٿي ويندو. جنهن وقت اها گهڙي آئي پاڻيهي پاڻ پڌرو ٿي ويندو ته سڀيئي ڳالهائيندڙ ڌريون پاڻ ۾ ٺهيل هيون. في الحال مون کي عمران خان پسند آهي، ڳالهائين ته سڀيئي پيا پر عمران خان تحفظات ۽ مشاورت جهڙا خوفناڪ لفظ ڪتب نه آڻيندو آهي، جڏهن نواز شريف فقط تحفظات ۽ مشاورت وارا ٻه اکر ٻوليندو آهي.

ڪمپيوٽر، ٽيليفون، موبائيل وغيره جهڙا اجايا ۽ بيڪار اوزار اسان ۽ اوهان جهڙن عام ماڻهن جي استعمال لاءِ آهن، سياستدان اهي بيڪار اوزار استعمال نه ڪندا آهن. هن وقت گهڻا وڳا آهن اهو پڇڻ لاءِ به سياستدان ميٽنگون ڪندا آهن. اوهان ٽي وي ۽ اخبارون غور سان ڏسو، اوهان محسوس ڪندا ته هي سياستدان هڪ ٻئي سان فون يا موبائيل تي ڪڏهن به نه ڳالهائيندا آهن ۽ هڪٻئي سان فقط ميٽنگن ۾ ئي ملندا آهن. تنهنجي گهر ۾ اڄ ڇا رڌيو (پڪو) آهي جهڙي ڳالهه پڇڻ لاءِ به ٻن سياستدانن کي هڪ ٻئي سان ميٽنگ ڪرڻي پوندي آهي. مزيدار يا عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته هن وقت گهڻا وڳا آهن، ۽ تنهنجي گهر ۾ اڄ ڇا رڌيو آهي جهڙن معاملن تي ميٽنگن کانپوءِ ٻئي سياستدان ميڊيا وارن سان ائين ڳالهائيندا آهن جيئن هنن ڪو وڏو سياسي معاملو حل ڪيو هجي!

گهڻو وقت اڳ فيض احمد فيض چيو هو، ۽ شايد حبيب جالب کي  چيو هئائين ته، هي ملڪ سدائين ائين ئي هلندو رهندو. فيض صاحب کي اها ڄاڻ هئي ته جيڪڏهن ملڪ رهندو ته ائين ئي هلندو رهندو، پر خرابي ڪهڙي آهي، جيڪڏهن هي ملڪ ائين ئي هلندو رهيو؟