ذهني مريض!

 

جمع 30 جون 2006ع

                مون کي ڪا به خبر نه هئي ته مان ڄائو ئي ذهني مريض هوس. فقط 1994ع کان مان پاڻ کي ذهني مريض سمجهندو رهيو آهيان. ڪو اٺ ڏهه ورهيه اڳ منهنجي ڀاءُ ماما جمون (عليم) مون کي چيو هو ته هن مون کي سدائين خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندو ڏٺو آهي. پر هو به ڀُليل هو. مان سدائين خودڪشيءَ جي ڪناري تي بيٺل ڏٺو آهي. 2002  ۾ سرجن مون کي چيو ته منهنجي آپريشن ڏهه ورهيه اڳ ٿيڻ گهربي هئي، پر  هو به غلط هو. مون کي تمام گهڻو اڳ مري وڃڻ گهربو هو.

                ڇو ته مان ذهني طرح تکو هوس، تنهن ڪري ماڻهو مون کي ذهني مريض سمجهڻ بدران مون کي هوشيار ۽ تکو سمجهڻ لڳا. مان پاڻ به انهيءَ غلط فهميءَ ۾ مبتلا رهندو آيس. جيڪو ماڻهو سڄي ڄمار ٽَڪو به نه ڪمائي ۽ فقط ٻين جي پئسن کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهندو رهي، ۽ پوءِ ننڍپڻ کان ئي ٻوڙو به هجي، سو فقط ذهني مريض ئي ٿي سگهي ٿو. ڪو هڪڙو مرض يا بيماري هجي ته ان لاءِ ڪنهنکي چئجي، پر مون وٽ ڏوهن ۽ غلط ڪارين جا انبار آهن! مون اڄ الله سائين کي باقائدي چيو، يا شايد بي قائدي چيو ته آخر مان پنهنجن غلطن ڪمن ۽ غلط سوچ لاءِ ڪيتريون معافيون گهران، جو هر هڪ گهڙي ۽ هر هڪ پل لکين غلطين کان علاوه ڪا نئين غلطي ٿي نروار ٿئي! اڄ مون ا سائين کي اهو به چيو آهي ته مفت جي ماني کارائڻ بدران مون کي پنڻ تي هيرائي ته جيئن مون کي هر هڪ گرهه جو قدر ٿئي. مفت جي ماني، مفت جا ڪپڙا، مفت جو گهر، مفت جا پئسا حرام جي ڪمائيءَ کان به وڌيڪ حرام آهن. اڄ مان 71 ورهين جو آهيان ۽ مفت جي دوائن تي هلي رهيو آهيان. سو ٿورڙو باقي رهيل وقت عام پينون فقير ٿي گذارو ڪرڻ به مون لاءِ وڏي نعمت ٿيندي. جي اها نعمت مون کي عطا ٿي ته مان ڄاڻي ويندس ته مون کي سڀ ڪجهه ملي ويو.

                چرچا ڪندي ۽ چرچا لکندي، عمريون گذري وينديون آهن، پر آخر جيڪي حاصل ٿيندو آهي، سو فقط عذاب ئي هوندو آهي، جيڪو قبر ڏانهن وڃڻ جو اڻلڀ رستو ڳولهيندو آهي. مان جيڪي اسٽيفن ليڪاڪ بابت لکي رهيو آهيان، سو به انهيءَ سلسلي جي ڪَڙي آهي، پر مان نٿو ڄاڻان ته هن صاحب جو حرام۽ مفت بابت ڪهڙو خيال هو، جو هن صاحب ننڍپڻ کان محنت مزوري ڪندي پنهنجو پاڻ ڪمايل ئي کاڌو هو. دنيا پئسن ڏوڪڙن تي هلندي آهي، مانيءَ جي گرهه تي نه. پر مان ڊڄڻو آهيان. مان اوندهه کان ڊڄندو آهيان، اڪيلائپ کان ڊڄندو آهيان، ڪُتن کان ڊڄندو آهيان ۽ ماڻهن کان به ڊڄندو آهيان، جيئن مان مڇرن کان ڊڄندو آهيان. ماڻهن جي هجوم ۽ انبوهن کان به ڊڄندو آهيان. مان سچ پچ حيران آهيان ته مان ڇو موت کان نٿو ڊڄان.

منهنجن ڪجهه دوستن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته پنهنجن پيرن تي بيهان، پر سندن سڀيئي پئسا ڏوڪڙ، صلاحون ۽ محنتون اجايون ويون. بلڪه ضايع ويون. مون کي حج ۽ عمرو ڪرايو ويو ته جيئن منهنجو روح ۽ منهنجو اندر صاف ٿئي، پر مان روحاني ۽ جسماني طرح اڄ به غلط ئي آهيان.

                سال 2000ع ۾ مان ذهني توازن اهڙو وڃائي ويٺس جو هر هڪ پنهنجي ۽ ڌارئي کي گاريون ڏيڻ لڳس جو مان ماڻهون نه سڃاڻي سگهندو هوس. الف کي بي ۽ بي کي ت سمجهي گاريون ڏيندو رهيس. سال ڏيڍ  کان پوءِ مون کي ڄاڻ پئي ته سڄو سال مان ماڻهو نه سڃاڻي سگهيو هوس. جن کي مون گاريون ڏنيون هيون سي اهي نه هئا، جن کي مون گاريون ڏنيون هيون. گهڻن ئي ته پوءِ مون کي ٻڌايو ته هنن ته نه ڪڏهن فون تي مون سان ڳالهايو هو ۽ نه ڪجهه ورهين کان مون وٽ آيا هئا! مون شايد هوا ۾ ئي پئي ڳالهايو.

                پئسن جي اڻ هوند مون کي ڀاڙي ڪيو ڇڏي. آپريشن جي ڏينهن ۾ مان موت کي ويجهو سمجهي ڏاڍو خوش ٿيو هوس ۽ ماڻهن کي مون تمام گهڻو کلايو هو. الله سائين جي ايترو ويجهو رهي به مان ا سائين کان تمام گهڻو پرتي هوس. اها منهنجي حياتيءَ جي ٽرئجڊي آهي. اوهان سمجهيو هوندو ته حليم چرچائي ليکڪ هئڻ ڪري ضرور چرچا ئي لکندو، پر حياتيءَ جي ڊيگهه چرچاين کي به سڌو ڪيو ڇڏي. بلڪل اهڙي ئي هئي اسٽيفن ليڪاڪ جي قسمت به. هُن صاحب دنيا جي تقريبن سڀني سڀني سبجيڪٽن تي لکيو ۽ انهن سبجيڪٽن جي ماسترن ۽ پروفيسرن جي ڍَنگ ۽ سندن ڄاڻ کي اهڙو پڌرو ڪيو جو عام ماڻهو ته کلندا رهيا، پر اُهي ماستر ۽ پروفيسر اندر ئي اندر پچندا ۽ سڙندا رهيا. هن صاحب جي علم جي ڄاڻ پروفيسرن ۽ ماسترن جي پهچ کان ٻاهر هئي ۽ هن جي مشهوري پروفيسرن ۽ ماسترن ۾ حسد ۽ ساڙ پيدا ڪندي رهي، جا اڄ تائين قائم آهي. ماڻهو ته کلندا رهيا، پر هن جو ڪو هڪڙو ڪتاب به ڪنهن پروفيسر وٽ يا ڪنهن لائبريريءَ ۾ نظر نه آيو ۽ اڄ تائين نظر نٿو اچي. پر هو صاحب لکندو رهيو، ايستائين جو يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن جي ائڪيڊيمڪس ڪائونسل  هن جي نوڪري ختم ڪرائي هن کي يونيورسٽي مان ئي ڪڍرائي ڇڏيو ۽ هو صاحب آخري ڏينهن ۾ ذهني توازن وڃائي ويٺو. هو اسي ورهين جو هو ۽ مان اڃان ايڪهتر ورهين جو آهيان. مون کي باقائدي وهم نه پر خاطري آهي ته مان سندس ٻيو جنم آهيان. هن کي سَٺو نه ويو هو ۽ مان به ڌاريو ئي رهيو آهيان.

                دوستن جي دوستي ڪم نه ايندي آهي. پئسا ڏوڪڙ اجايون شيون آهن. هي ٺاٺ باٺ اوهان کي به ڇڏڻا پوندا. اوهان اڳتي هليا ويندا ۽ اوهان جا محل ۽ بنگلا هتي ئي رهي تباهه ٿي ويندا. جيئن مرڻ وارن جي مٽيءَ مان نوان جسم جڙندا آهن، تيئن اوهان جن محلن ۽ محلاتن جي کنڊرن تي نيون بلڊنگون ٺهنديون. اوهان کي احساس ئي ناهي ته اوهان پاڻ به مستقبل جا کنڊر آهيو. مان آسماني ڳالهيون ڇا ڄاڻان. مان ته هن زمين جون ڳالهيون پيو ڪريان. مان جيڪي ڪجهه عمري تي حاصل ڪري آيو هوس، تنهن تي مون پاڻ پنهنجن ئي مُڏن هٿن سان پاڻي ڦيري ڇڏيو. چئبو آهي ته سڀ ڪجهه،  رزق ۽ عزت سڀ ا سائين جي وس آهي، پر پاڻ سڀيئي بي صبرا آهيون. پاڻ کي پاڻ پڏائڻ ۽ ٻين کان نفرت ڪرڻ کان سواءِ ڪو ڪم ئي ناهي.