تهذيب

 

 

ڇنڇر 29 جولاءِ 2006ع

                پنهنجي دماغ ۾ اُٺ ويٺل آهي ته جا تهذيب اسانجي پنهنجي آهي، سا نه فقط دنيا جي سڀني تهذيبن کان مٿاهين آهي پر دنيا جون سڀئي تهذيبون اسانجي پنهنجي انهيءَ تهذيب مان ئي ڄايون، نپنيون ۽ وڌي وڏيون ٿيون آهن. اها سوچ دنيا جي سڀني جاهل تهذيبن جي ماڻهن جي آهي. جيڪو ماڻهون جيترو وڌيڪ جاهل هوندو، سو اوترو ئي وڌيڪ پنهنجي تهذيب کي مٿاهين سمجهندو. تهذيبن، ٻولين ۽ تمدنن ۾ جا ڦير ڦار ايندي رهي آهي، تنهن ڏانهن ڪو به نهارڻ لاءِ تيار ناهي. ستر اسي ورهين جي سراسري عمر تائين ماڻهونءَ جا ذاتي ۽ مذهبي عقيدا به گهڻيئي دفعا بدلجي ۽ ڪلٽي کائي ويندا آهن، سو اوهان اندازو ڇو نٿا لڳايو ته مختلف تهذيبن جو سراسري ڪيئي صدين ۾ ڪهڙو حال ٿيو هوندو!

                صاف ظاهر آهي ته هر هڪ تهذيب جي رنگ روپ ۾ سوين ۽ هزارين تبديليون آيون هونديون. ڪا به تهذيب ساڳي نه رهي هوندي ۽ اڄوڪي هر هڪ تهذيب اڳتي هلي ساڳي نه رهندي. دراصل تمدن تهذيب فقط نالا آهن سوشيالاجي ۽ سوشل ورڪ قسم جا ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ. غور سان چئني پاسي نهاريو. اوهان ڏسندا ته هر هڪ سوشل ورڪ ۽ سوشيالاجي قسم جي فنڪشن جو چيئرمئن فقط اهڙو ڪو وڏو ماڻهون هوندو، جنهن جو سوشيالاجيءَ سان ڪڏهن ڪو پري جو به واسطو نه هوندو. سوشيالاجي ۽ سوشل ورڪ قسم جا ڪم فقط وڏن ماڻهن کي وڏين ڪرسين تي ويهارڻ لاءِ بهانا آهن.

                پاڻ ڪنهن هوائي خيال کي تهذيب ۽ تمدن قسم جا نالا ڏيئي اهڙا چُهٽي پيا آهيون جو اسان جو خيال آهي ته دنيا جون سڀيئي تهذيبون فقط اسان جي انهيءَ وهم مان پيدا ٿيون آهن، جنهن کي پاڻ پنهنجي تهذيب چوندا آهيون. جنهن کي ايٿڪس چئبو هو، سا ڪڏهوڪو مري وئي. جنهن کي ائسٿيٽڪس چئبو هو، سا غائب ٿي وئي. اڄ فقط عقيدو ۽ سائنس بچيا آهن، جيڪي اڃا هلي رهيا آهن. اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن سائنس به غائب ٿي ويندي ۽ پاڻ پنهنجي عقيدي ۾ غائب ٿي وينداسين.

                اها عجيب ڳالهه آهي ته پنهنجي تهذيب واري وهم ۾ مئٿس ۽ فزڪس لاءِ ڪا به گنجائش ناهي. اهو ڪهڙو تماشو آهي جو پنهنجي تهذيب ۾ اوهان مئٿس ۽ سائنسون نٿا ڳڻيو؟ ڪو به سوشيالاجسٽ يا سوشل ورڪر مئٿس يا سائنس سان واسطو نٿو رکي. اهو چوڻ ته سوشيالاجي به هڪ سائنس آهي، هڪ وڏو ڍونگ آهي. هڪ وڏو دوکو ۽ ڪوڙ آهي. اهو هو اسٽيفن ليڪاڪ جو روح، جنهن جو مان ٻيو جسم آهيان. جي دنيا مان هليو وڃڻ منهنجي وس هجي ها ته مان ڪڏهوڪو هليو ويو هجان ها. جي دنيا ۾ نه اچڻ منهنجي وس هجي ها ته مان آيو ئي نه هجان ها. اهو هو عمر خيام جو روح، جنهن جي جسم جي مٽيءَ جو شايد ڪو ننڍڙو حصو منهنجي جسم ۾ سمايل آهي.

                ساڳيو حال اوهانجي ٻوليءَ جو اوهان پاڻ ڪيو آهي. اوهان جو خيال آهي، بلڪه اوهان سدائين ضد تي رهيا آهيو ته اوهانجي ٻولي دنيا جي پهرين ٻولي هئي، جنهن سڄيءَ دنيا جي ٻين ٻولين کي جنم ڏنو. اوهان وٽ ٻولين جا ماهر ناهن، اوهان وٽ آهن سنڌي ٻوليءَ جا اهڙا ماهر جن اوهانکي ۽ پاڻ کي پڏائڻ لاءِ پنهنجن ڪتابن ۾ لکيو ۽ ٺاٺ باٺ سان ڇپايو ته پراڪرت مان پهرين سنڌي ڄائي، جنهن سنسڪرت کي جنم ڏنو ۽ اوهان مان ڪو هڪڙو ڄڻو به نه کِليو. فقط اوهانجي ئي ادبي تهذيب ۾ ڪتابن جا مهورت ٿيندا آهن، جن ۾ گلن سان سينگاريل ٽوڪريءَ ۾ اهو ڪتاب آڻي تاڙيون وڄائبيون آهن ۽ پوءِ اهو ڪتاب مفت ۾ ورهائجي ويندو آهي. اها آهي سگهه جا اوهانجي ٻوليءَ ۾ لکيل اوهانجي ڪتابن ۾ رهي آهي.

                جنهنکي ادارا چئبو آهي، سي نا اهليءَ جا اڏا آهن. اهي ادارا بند ڪري ڇڏيو ۽ ڏسو ته اوهانجي ماهرن جا ڪيترا ڪتاب ڪير ٿو ڇاپي، سندن ڪو ڪتاب وڪامجي به ٿو يا نه ۽ پوءِ اهي ماهر لکن به ٿا يا نه. سڀيئي غائب ٿي ويندا. پاڻ کي سمجهي وڃڻ گهرجي ته پنهنجي تهذيب فقط هٿ ملائڻ ۽ هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. ڪتابن، لکا پڙهي ۽ سائنسن سان پنهنجو ڪو به تعلق نه رهيو آهي.