بادشاهه!

 

سومر 26 جون 2006ع

                جي مان چوان ته مان ڄمندي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندو هوس ته اها منهنجي بڪواس هوندي. صاف ظاهر آهي ته ڪجهه ڏسبو آهي، ڪجهه ٻڌبو آهي ۽ پڙهبو آهي، جنهن کان پوءِ ڪو مون جهڙو ماڻهو انهن سڀني ڳالهين مان ڪا لٻاڙ ٺاهي اهڙو گند جوڙيندو آهي جنهن کي هو پنهنجو نڪور ليک چئي پاڻ کي ليکڪ چوڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪندو آهي. ننڍا وڏا سڀيئي ليکڪ ائين مون وانگي ئي جڙيل ۽ گهڙيل آهن، پر مڃيندو ڪو به نه. مان به نه مڃيندس.

                منهنجا ڪي دوست مون کان پڇندا آهن ته سڌرڻ جو ڪو پروگرام آهي يا نه؟ سڌرڻ جا ڪيترا پئسا وٺندين؟ سڌرڻ جي ڪا گنجائش به آهي يا معاملو ختم سمجهون؟ اهي سڀيئي سوال منهنجي زندگيءَ ۾ تڏهن کان هلندا اچن، جڏهن مون ڪنهن هنڌ پاڻ لاءِ لکيو هو ته، منهنجو ڪو به پروگرام پاڻ کي سڌارڻ جو ناهي، مان جهڙو آهيان تهڙو ئي رهندس. ڪو به نٿو ڏسي ته مان وڌيڪ کري ويو آهيان.

                پاڻ بادشاهه هوندي به مون بادشاهن بابت گهڻيئي مشڪريون لکيون آهن، پر هڪڙي عاليشان مشڪري مون جهڙي مشڪري کان به رهجي وئي. شايد ان ڪري رهجي وئي جو هي بادشاهه به ٻين بادشاهن وانگي ڪنهن جهنگ ۾ پنهنجي لشڪر کان وڃائجي رستو وڃائي ويٺو هو. ياد رهي ته ان زماني ۾ ٻيلو کاتو اڃان ايجاد نه ٿيو هو جو ٻيلي کاتي وارا  کيس کڻي ڌاڙيلن وٽ وڪڻي ڇڏين ٿا. جنهن کي فاريسٽ ڪنزرويٽو کاتو چئبو آهي، سو به عجيب قسم جو کاتو آهي. وڻ وڪڻي ڇڏيائون پر کاتو ۽ ڌاڙيل اڃان قائم آهن!

                خيرات پنڻ ته بادشاهن جو اڄڪلهه روز مرهه جو ڪم آهي، جو آمريڪا، عربستان ۽ يورپ مائي باپ آهن، پر جنهن زماني جي بادشاهه جي هيءَ ڳالهه آهي ان زماني ۾ هر ڪو بادشاهه پاڻ پنهنجو مائي باپ هو ۽ ڪو به بادشاهه ڪنهن به ٻئي بادشاهه کان خيرات نه پنندو هو. ڌيئون گهرڻ يا زالون وغيره کسڻ الڳ ڳالهه هئي. زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ بادشاهن جي حالت بلڪل اهڙي هئي، جهڙي اڄڪلهه عام ماڻهن جي آهي.

                سو هڪڙو هو بادشاهه، جيڪو ڪنهن اهڙي گهاٽي ٻيلي ۾ پنهنجي لشڪر کان الڳ ٿي ويو، جنهن ۾ گهاٽا وڻ هجڻ ڪري ٻيلو به گهاٽو نظر ايندو هو. (اها سٽ اجائي آهي جا مون کان لکجي وئي) هيءُ اهو زمانو هو، جڏهن بادشاهه پنهنجي راڻي سان ملڻ لاءِ به لشڪر ساڻ وٺي ويندا هئا. اهو سچ پچ ته ڪمال هو. اهو زمانو پوءِ آيو، جڏهن بادشاهه  پراون بادشاهن جي راڻين سان لڪ ڇُپ ۾ ملڻ لاءِ به لشڪر وٺي وڃڻ لڳا. خير، مطلب ته اهو پاڻ وارو بادشاهه پنهنجي لشڪر کان وڃائجي جهنگ ۾ رلي ويو. جيڪو بادشاهه باٿ روم ۾ به لشڪر ساڻ وٺي وڃڻ تي هريل هو، سو جهنگ ۾ پاڻ کي اڪيلو ڏسي منجهي پيو. سخت حيران پريشان ٿي، ڪڏهن  هيڏانهن ته ڪڏهن هوڏانهن ڊوڙڻ لڳو. اهڙو پريشان بادشاهه مون اڳ نه ڏٺو هو. بادشاهه کان وڌيڪ پريشان سندس گهوڙو هو، جنهن تي بادشاهه سوار هو.

                پهرين ته بادشاهه ۽ گهوڙو سڄو ڏينهن جهنگ ۾ رلندا رهيا، پر پوءِ جڏهن سج لهڻ لڳو، تڏهن ڌاڙيلن جي ڊپ کان ٻئي ڄڻا گهاٽي جهنگ جي اوندهه ۾ لڪي ويهي رهيا. گهوڙو ته بادشاهه کان به ڪجهه وڌيڪ ڊنل هو جو ڌاڙيلن بابت ڄاڻ هئس ته مٿس سواري ڪري سندس مٿو بادشاهه کان به وڌيڪ رلائيندا ۽ اخبار وغيره به نه پڙهندو هو، جو ڄاڻ هجيس ته ڌاڙيل اڃان پيدا ئي نه ٿيا هئا. خير، بادشاهه ۽ گهوڙو ڌاڙيلن جي ڊپ کان اوندهه ۾ ئي لڪي ويٺا رهيا. جڏهن ٻنهي کي ساڳئي ئي وقت اوچتو خيال آيو ته ڌاڙيل ته نڪرندا ئي رات جو آهن. ٻنهي کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اُٿي ڀڳا، بادشاهه پنهنجن ٻن پيرن تي ۽ گهوڙو پنهنجن چئن کرن تي. ٻه چار ميل ڊوڙڻ کان پوءِ خيال آين ته هي ٿئي ڇا پيو! بادشاهه کي ته گهوڙي تي سوار ٿي ڊوڙڻ کپندو هو! سو ٻه چار ميل موٽي ويا، جتي بادشاهه گهوڙي تي سوار ٿيو ۽ پوءِ وري وٺي ڊوڙ پاتائون!

(نوٽ: پاڻ بادشاهه کي بادشاهه سلامت لکڻ بدران فقط بادشاهه لکي انتهائي سنگين غلطي ڪندا آيا آهيون. هونئن به اوهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ته هن بادشاهه جي سلامتي ڪجهه خطري ۾ آهي)

                اڌ رات مهل بادشاهه جي نظر هڪڙي غريباڻي جهوپڙي تي پئي. گهوڙي جي نظر سان پنهنجو تعلق ناهي جو اهڙن قصن ڪهاڻين ۾ گهوڙي کي اهميت نه ڏبي آهي. اڪثر گهوڙن جو دماغ مون خراب ڪيو آهي، کين اجائي اهميت ڏيئي. بادشاهه جي حڪم تي گهوڙي جهوپڙي جو در وڄايو. جهوپڙي کي در هوئي ڪو نه، سو نه وڳو. بادشاهه جي چوڻ تي گهوڙي جهوپڙي جي در جو ڪنڊو ڳولهيو، جيڪو پڻ در سان گڏ غائب هو. ڳالهه ٿي وئي آهي ڊگهي ۽ مون کي آهي تڪڙ، سو بادشاهه جي واڪن تي هڪڙو غريب ماڻهو جهوپڙي مان ظاهر ٿيو، جنهن کي بادشاهه چيو ته ماني به کاراءِ ۽ جهوپڙي ۾ ويهار جو هي گهوڙو ڌاڙيلن کان ڊڄي ٿو. ائين رات وئي گذري ته صبح جو بادشاهه غريب ماڻهو کي چيو ته مان هن ملڪ جو والي ۽ حاڪم آهيان. هن ملڪ تي منهنجو حڪم هلندو آهي. مان هن سڄي ۽ سموري ملڪ جو بادشاهه آهيان. ڪڏهن به ڪو ڪم پويئي ته مون وٽ هليو اچجانءِ. پوءِ بادشاهه پنهنجي سڃاڻپ ۽ ائڊريس جو ڪارڊ غريب مسڪين ماڻهوءَ کي ڏنو، جنهن تي گهوڙو هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو، جو هن وٽ سندس ڪارڊ هو ئي ڪو نه. پوءِ ائين ٿيو جيئن اهڙين ڪهاڻين ۾ ٿيندو آهي. اوچتو بادشاهه جو لشڪر پهچي ويو ۽ بادشاهه کي وٺي روانو ٿي ويو. غريب مسڪين کي ڪهڙي ڄاڻ ته بادشاهه يا گهوڙو ڇا ٿيندو آهي. هو غريب ته مسڪين هاري قسم جو مزور هو ۽ محنت مزوري ڪري  پنهنجا ٻار پاليندو هو. هن ليکي هن فقط ڪنهن واٽ وڃايل ۽ بکايل همراهه ۽ گهوڙي کي ماني ۽ اجهو ڏنو هو. اسٽوري جو پهريون پارٽ ٿيو ختم.

                زمانو ويو گذري جنهن کان پوءِ اهڙو ڏڪر آيو جو اهو غريب مسڪين به جهنگ ۾ پنهنجن ٻارن ٻچن سميت بک مرڻ لڳو. هڪڙي ڏينهن  هن غريب کي اوچتو اهو گهوڙو ياد آيو، جنهن کي هن ماني به کارائي هئي ۽ اجهو به ڏنو هو. هيڏانهن هوڏانهن ۽ هيٺ مٿي ڳولهڻ باوجود گهوڙي جو ڏنل ڪارڊ هٿ نه آيس ۽ ياد آيس ته ڪارڊ ته هُن چمچي ڏنو هوس، جيڪو گهوڙي سان گڏ آيو هو. اهو ڪارڊ هٿ ڪري غريب ماڻهو شهر ڏانهن روانو ٿيو. ڪارڊ تي سنئون سڌو لکيل هو ته ملڪ جو حاڪم، والي ۽ بادشاهه جنهنجو حڪم سڄي ملڪ تي هلندو آهي. سو شهر جي ماڻهن هڪدم هن غريب کي بادشاهه جي محل تي پهچايو ۽ بادشاهه جي سپاهين هڪدم هن غريب کي بادشاهه جي ذاتي ڪمري ۾ داخل ڪيو.

                غريب ته آيو هو بادشاهه کان ماني ڳڀو ۽ وٽو کن اٽو گهرڻ، سو بادشاهه ۽ سندس خاص ڪمرو ڏسي دنگ رهجي ويو. ڏٺائين ته بادشاهه هيٺ پٽ تي ويهي ٻئي هٿ مٿي پيشانيءَ ويجهو ڪري اکين مان ڳوڙهن جا انبار وهائيندي چئي رهيو هو ته، اي مالڪ، اي خالق، تون ئي رحيم ۽ ڪريم آهين، تون ئي رزق ڏيندڙ رزاق آهين، تون ئي سڄي جهان جو ۽ منهنجو پالڻهار آهين، تنهنجي ئي حڪم سان اسان جي ماني ڳڀي ۾ واڌ ۽ گهٽتائي ٿئي ٿي. تون ئي ڏيندڙ ۽ وٺندڙ آهين، تنهنجا احسان آهن مالڪ، جو مون کي ۽ منهنجن ٻارن ٻچن کي رزق ٿو ملي، سڀ ڪجهه تنهنجا احسان آهن ۽ سڀ ڪجهه تنهنجو ڪرم آهي، تنهنجا احسان ڳڻيندي به آخر مان ڪيترا ڳڻيندس. لک احسان، مالڪ تنهنجا لک احسان! غريب حيرت ۽ عجب سان بادشاهه کي ڏسندو رهيو، جيڪو اکيون ٻوٽي رئندي التجائون ڪري رهيو هو. آخر غريب ماٺ ميٺ ۾ پويان پير ڪري در ڏانهن وڌيو ته بادشاهه ڏسي ورتس ۽ کيس سڃاڻي چيائين ته، تون مون کي ياد آهين، ٻڌاءِ ته ڪهڙي ڪم سان آيو آهين ۽ توکي ڇا کپي؟ غريب جواب ڏنس ته،  تو ته چيو هو ته تون هن ملڪ جو بادشاهه آهين ۽ سڄي ملڪ تي تنهنجو حڪم هلندو آهي، پر مون ته ڏٺو آهي ته تون پاڻ به پينون آهين ۽ تون پاڻ به محتاج فقير آهين، جيڪو پاڻ پنهنجو رزق به روئي رڙي ٿو گهرين! سو مان تو جهڙي پينون فقير کان ڇا گهران! تو وٽ آهي ڇا جو مان توکان گهران! مون کان غلطي ٿي جو تو وٽ آيس. مون کان ڏوهه ٿي ويو جو مان اهو در وساري ويٺس، جتان تون پنندو آهين. غريب ته بنان ڪجهه گهرڻ ۽ وٺڻ جي هليو ويو، پر بادشاهه پنهنجا سڀيئي ڪارڊ ڪئنسل ڪرائي نوان ڪارڊ ڇپرايا، جن تي فقط اهو لکيل هو ته، هن ملڪ جو بادشاهه مان نه آهيان ۽ مان به اوهان وانگي قدرت جي رضا ۽ راضپي جو محتاج آهيان! اسٽوري ختم. پر اڙي! گهوڙو ته رهجي ويو!