ڊائلاگس آف پلئٽو!

 

 

اڱارو  25 جولاءِ 2006ع

در کڙڪيو. مون در کوليو. الائجي ڪير هو.

مان اسماعيل آهيان.

سو؟

تون منهنجو انتظار پيو ڪرين.

مان پنهنجي گهر ويٺو آهيان ۽ ڪنهن به اسماعيل جو انتظار نه پيو ڪريان.

تون غلام حيدر نه آهين؟

نه. ۽ منهنجو ڪو به پروگرام يا ارادو غلام حيدر ٿيڻ جو ناهي.

هو هتي نٿو رهي؟

هن جو دماغ خراب ٿيو آهي ڇا جو منهنجي  گهر ۾ رهي رات جو يارهين بجي تنهنجو انتظار ڪندو؟

ته پوءِ غلام حيدر ڪٿي ٿو رهي؟

مون اڃان اسٽيٽ ايجنسي يا پوسٽ مئن جو ڌنڌو اختيار نه ڪيو آهي. مان نٿو ڄاڻان ته هو ڪير آهي، ڇا ٿو ڪري ۽ ڪٿي ٿو رهي.

مون دربندر ڪرڻ کان پوءِ در کولي ٻاهران چاڪ سان لکيو ته غلام حيدر نه آهي، مان نٿو ڄاڻان ته هو ڪير آهي، ڇا ٿو ڪري ۽ ڪٿي ٿو رهي.

در کڙڪيو. مون در کوليو.

جوڻيجي صاحب جو گهر ڪهڙو آهي؟

مون کي اها خبر ڇو هجڻ گهرجي؟

هو مٽياريءَ جو مشهور زميندار آهي ۽ هتي ئي ڪٿي رهندو آهي.

جي مان مٽياريءَ جو مشهور زميندار هجان ها ته مٽياريءَ ۾ مشهور ڪري ڇڏيان ها ته مان هتي ئي ٿو رهان ته جيئن تو جهڙا فالتو ماڻهو منهنجو مٿو نه کائين.

                مون چاڪ کڻي پنهنجي در ٻاهران لکيو ته مان نٿو ڄاڻان ته مٽياريءَ جي مشهور زميندار جو گهر ڪهڙو آهي ۽ هُن ڇو مشهور ڪري ڇڏيو آهي ته هُو هتي ئي ڪٿي ڪنهن گهر ۾ رهندو آهي. مان در بند ڪري ويهي رهيس.

در کڙڪيو ته صاف ظاهر آهي ته مون کوليو جو مان گهر ۾ اڪيلو ئي آهيان.

مون کي افسوس آهي جو مون توکي بيگاهه وقت جاڳايو آهي، پر مان نوابشاهه کان آيو آهيان ۽ مون کي ڊاڪٽر ڪريم بخش سان ملڻو آهي، جيڪو هن پسگردائيءَ ۾ ئي رهي ٿو.

جي هن پسگردائيءَ ۾ ئي رهي ٿو ته اها پسگردائي ڪنهن ٽرئڪٽر تي کڻائي سينٽر آف ايڪيلينس فار ڪيمسٽري ۾ وڃي انهيءَ پسگردائي جي مڪمل کوجنا ڪرائي ته اهو تو وارو ڊاڪٽر ڪٿي ٿو رهي.

مون سمجهيو ته اوهان کي هن جي گهر جو پتو هوندو.

توکي اهو خيال آيو ڇو ته مون کي هن مشڪري ڊاڪٽر جي گهر جو پتو هوندو؟ توکي اهو خيال ڇو نه آيو ته سامهون واري گهر کي تو واري هن ڊاڪٽر جي گهر جو پتو هوندو؟ مون چاڪ کنيو ۽ سندس بيٺي پنهنجي در ٻاهران لکيو ته مان نٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر ڪريم بخش جو اتو پتو ڪهڙو آهي ۽ سندس ڪو اتو پتو آهي به يا نه. مون زور سان در بند ڪيو.

در کڙڪيو ته مون کوليو.

واپاري سيٺ ٽيئون مل ڪٿي رهندو آهي؟

سامهون واري ڊگهي بلڊنگ تي چڙهي وڃي اُتي ڪو در وڄائي پنهنجو اهو واحيات سوال وڃي هنن کان پُڇ. هو به توکي ڏسي خوش ٿيندا ۽ تون خوش ٿيندين انهيءَ بلڊنگ ۾ لفٽ ڪانهي.

اُتي سيٺيا ٿا رهن؟

مان نٿو ڄاڻان ته اُتي ڪير ٿا رهن.

مون چاڪ کنيو ۽ در ٻاهران لکيم ته ڪير ڪٿي ٿو رهي جي مون کي ڪا به خبر ناهي. سيٺ ٽيئون مل الائجي ڪير آهي. مون چاڪ کنيو ۽ در ٻاهران لکيو ته هتي مان ۽ فقط مان رهندو آهيان ۽ ان سيٺ جي لاپتا ٿيڻ بابت مان نٿو ڄاڻان ته اوهان ڇا ڪريو.

د ر کڙڪيو ته مان چاڪ بدران ڪارو مارڪر کڻي ٻاهر نڪتس.

محمد بخش ڪٿي رهندو آهي؟

الائجي

هتي ئي ڪٿي رهندو هوندو

ته وڃي ڳولهينس

اوهان نٿا ٻڌائي سگهو؟

نه

کيس سڀيئي سڃاڻين

ته تون وڃي سڀني کان پڇ.

۽ مون ڪاري مارڪر سان در ٻاهران لکيو ته مان محمد بخش کي نٿو سڃاڻان. جنهن کي سڀئي سڃاڻين، مان نٿو ڄاڻان ته سيٺ ٽيئون مل ڪٿي ٿو رهي جو مان سيٺ ٽيئون مل ناهيان، مان نٿو ڄاڻان ته ڊاڪٽر ڪريم بخش هن پسگردائيءَ ۾ يا ڪنهن ٻي پسگردائيءَ ۾ رهندو آهي ۽ سندس ڪو وجود به آهي يا فقط هوائي نالو ۽ هوائي پيشو اٿس. مٽياريءَ جو مشهور زميندار الائجي ڪير آهي ۽ ڇو خوامخواهه مشهور ٿي ويو آهي. مان نٿوڄاڻان ته غلام حيدر ڪندو ڇا آهي جو اسماعيل نالي وارا سندس گهر جو ڏس پتو پڇائيندا وتن، ۽ هُو به خوامخواهه هن گهر ۾ مان رهندو آهيان، جنهنجو نالو مٿي ڄاڻايل نالن مان ناهي. در کڙڪائڻ بدران انهن گهرن جون گهنٽيون وڄايو، جن جي درن تي گهنٽيون آهن. هن در کي بخشي ڇڏيو، جو منهنجو نالو بخشو آهي. مون در بند ڪيو ۽ آرام سان ويٺس ته در کڙڪيو.