انگريزن جي انگريزي ۽ پاڻ!

 

سومر  21 آگسٽ 2006ع

                اوهان جو خيال آهي ته اوهان کي انگريزي نٿي اچي ۽ منهنجو خيال آهي ته اهو اوهان جو وهم آهي. جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اوهان ته انگريزن جي انگريزي به سڌاري سگهو ٿا! ڪنهن صاحب پنهنجو نالو انگريزيءَ ۾ Dedar لکيو، ۽ مون کي ڏيندي چيائين ته مان اها پرچي صاحب کي پهچايان. مون نالو غور سان ڏٺو ۽ چيو ته، هي ته ڏيڏر لکيل آهي. اوهان پنهنجو نالو لکي ڏيو ته فون تي ٻڌايانس ته ڪير ملڻ لاءِ آيو آهي. هن صاحب کي منهنجي ڳالهه وڻي يا نه، پر هن رُکائيءَ سان چيو ته، منهنجو نالو ديدار آهي ۽ مون اهو ئي لکيو آهي. تون صاحب کي منهنجي اچڻ جو اطلاع ڪر. مون کيس چيو ته، جيڪڏهن اوهان جو نالو ديدار آهي ته اوهان اهو Thethar ڪري لکو جو انگريزيءَ ۾ دال لاءِ th استعمال ڪبي آهي. جيئن انگريزي اکرن this ۽ that ۾! انگريزي مطابق Dedar ته ٿيو ڊيڊر جو انگريزيءَ ۾ D جو اُچار آهي ڊ ۽ اوهان ته پنهنجو نالو ڏيڏر به صحيح نه لکيو آهي انگريزيءَ ۾ ڏ اکر لاءِ ڪو اکر ئي ناهي. وڌيڪ گند نه ٿيو جو مون فون تي ئي صاحب کي اطلاع ڏنو ته، ديدار صاحب اوهان سان ملڻ آيو آهي. هو صاحب شايد امپارٽنٽ هو ۽ هڪدم صاحب گهرائي ورتس. سو جيستائين انگريز ماڻهو انگريزيءَ ۾ ڏ لاءِ ڪو اکر گهڙين، تيستائين اوهان کي گهرجي ته ڏ اکر کي انگريزيءَ ۾ لکڻ ڇڏي ڏيو. انگريز پاڻيهي سڌا ٿي ويندا.

                پاڻ اَ جي اُچار لاءِ انگريزي اکر U استعمال ڪندا آهيون، جيئن Up، Cup، Tub وغيره ۾ سنڌي اکر اَ لاءِ انگريزي اکر U آهي. اهو دستور پاڻ کي انگريزن ڏنو آهي، سو جي اَ جي اُچار لاءِ انگريزي اکر U آهي ته Halem يا Haleem لکڻ بلڪل غلط آهي، ڇو ته ح مٿان زبر هئڻ ڪري حليم کي انگريزيءَ ۾ Hulem يا Huleem لکڻ گهرجي. ساڳي نه ته ساڳئي قسم جي جُٺ بروهي لفظ کي انگريزيءَ ۾ Brohi لکڻ سان به ٿيل آهي، ڇو ته انگريزي اکر I (آءِ) هئڻ ڪري لفظ Brohi کي انگريز ماڻهو ضرور بروهاءِ ئي پڙهندا. حقيقت ۾ سنڌي اکر اِي جي اُچار لاءِ انگريزي اکر E اڳيئي موجود هئڻ ڪري پاڻ کي لفظ بروهي Brohi لکڻ گهرجي. مان ته پنهنجي نالي سان گند ڪندو آيو آهيان. Huleem ۾ ڊبل E اجائي آهي جو هڪڙي E جو اُچار اڳيئي اِي آهي، سو Hulem ۾ هڪڙي E ڪافي آهي. مون کي پنهنجو نالو Hulem Brohe لکڻ گهرجي، پَرَ مان سڌريو ئي هاڻي آهيان!

                پوءِ پاڻ وٽ غ به آهي ۽ گهه به آهي، سو پاڻ آهيون شاهوڪار. انگريزن وٽ اهي ٻئي اکر ناهن، سو هو آهن غريب. هو غريب ٻنهي اکرن گهه لاءِ به ۽ غ لاءِ به فقط جي ايڇ استعمال ڪندا آهن. پاڻ پنهنجو اکر گهر انگريزيءَ ۾ لکڻ لاءِ Ghar لکندا آهيون، جيڪو Ghur لکجڻ گهرجي، پَرَ اهو ته ٿيو گهه جو معاملو. هاڻ ٻڌايو ته اوهان سنڌي لفظ غلام انگريزيءَ ۾ ڪيئن لکندا؟ GH ته آهي گهه لاءِ، سو غ لاءِ ڇا آهي؟ غلام علي به پنهنجو نالو Ghulam سان لکندو آهي جيڪو غلام بدران گهلام پڙهيو ويندو. سو گهه ۽ غ لاءِ انگريزيءَ ۾ ٻه مختلف اکر هجڻ گهرجن.

                اهو ٿي ويو آهي هيوي ڊوز، ڳرو وزن. ڀل اوهان اهو ڊوز يا وزن برداشت ڪري وٺو، يا ڳهي وٺو، ته پوءِ مان اوهان کي ٻيو هيوي ڊوز ڏيان. يا چئو ته اهي ڊوز ڏيڻ بند ڪريان.

                ڪنهن به ٻوليءَ تي مهارت نه هجڻ سبب مان اڙدو ۽ سنڌي ملائي ڇڏيندو آهيان ۽ ٻنهي ٻولين ۾ اچارن جي معاملي ۾ ڪافي گند ڪري ويندو آهيان. اها ڪجهه عادت آهي ۽ ڪجهه مجبوري. ڪَنَ اکيون ۽ منهنجو وات به منهنجي چئي کان ٻاهر آهن.

                قلم جهڙي بيڪار شئي به منهنجي ڪنٽرول کان پري- گهڻو پري- رهي آهي. لکڻ ۾ مون ايترو ته گهڻو گند ڪيو جو فقط دشمن ئي نظر اچڻ لڳا. پوءِ هڪڙي ڏينهن ڪنهن هڪڙي ننڍڙو شعر ٻڌايو:

اُس ڪي دشمن هئين هزار!

آدمي اڇا هوگا

وه بهي ميري هي طرح

اس شهر ۾ تنها هوگا!

                شعر ٻڌي مان خوش ٿي ويس، پَرَ پوءِ مان منجهي پيس ته مان ته بلڪل گندو ماڻهو آهيان! اڪيلو ته آهيان، پَرَ گندو ماڻهو به ته اڪيلو ئي رهجي ويندو آهي!

هڪڙو ننڍڙو ڪتاب آهي. جهڙوڪ ٻارن لاءِ. نالو اٿس Alice in wonder land تمام پراڻو ڪتاب آهي. ان ۾ هڪڙي سٽ ڪمال جي آهي، لکيل آهي ته شروعات سدائين شروعات کان ڪرڻ گهرجي.