سيريس!

 

اڱارو 20 جون 2006ع

                ايڪهتر ورهه سيريس گذارڻ کان پوءِ اڄ مون کي اوچتو کل آئي آهي. کل مون کي فقط ان ڳالهه تان آئي آهي ته مان ڇو اجايو ۽ خوامخواهه سيريس رهيس. ڪو مقصد هجي ها ته ٻي ڳالهه هئي، پر مون وٽ ته سيريس رهڻ لاءِ ڪو به سبب نه هو. جي مان سيريس نه به رهيو هجان ها ته ڪو به تفاوت نه پوي ها. دنيا ائين ئي اڍنگي نموني هلندي رهي هجي ها، جيئن اڄ هلي رهي آهي.

                بلڪل ائين جيئن ٻيا ماڻهو خواب ڏسندا آهن، تيئن مون به شايد ڪو خواب ڏٺو هو.  عام طرح ته ماڻهو خواب ڏسي اڳتي وڌي ويندا آهن، پر مان شايد منجهي مئو هئس، مون سمجهيو ته منهنجو خواب به مون جهڙو ئي اهم آهي. غلطي شايد اها ٿي وئي ته مون پاڻ کي اهم سمجهيو هو. حقيقت اها آهي ته نه مان اهم هوس نه منهنجو خواب.

                اوهان هزارين ورهه روئندا رهو، پر ته به ڪي ڳالهيون هونديون آهن، جن بابت رئڻ اوهان کان وسري ويو هوندو آهي، ۽ پوءِ هڪڙو سمنڊ هوندو آهي حقيقتن جو، جيڪو اوهان تي ۽ اوهان جي هانءُ تي چڙهت ڪندي اوهان کي ڪيئي هزار ورهه اڃان به وڌيڪ روئڻ تي مجبور ڪندو آهي. افسوس جو زندگي ختم ٿيو وڃي ۽ روئڻ اڌورو ئي رهجيو وڃي!

                اڄ مان ڪالهه کان وڌيڪ  عقلمند آهيان. اهو منهنجو خيال آهي، جيڪو سراسر  غلط آهي. حقيقت  اها آهي ته اڄ به مان اوترو ئي بيوقوف آهيان، جيترو ڪالهه يا ٽيون  ڏينهن هوس. عقل جنهن جانور جو نالو آهي، تنهنجو ڪو به واسطو يا تعلق ارسطو يا فرسطو سان به نه هو. مون سيريس رهي سمجهيو هو ته مان به ارسطو ۽ فرستو وانگي آسمان سان لاڳاپيل آهيان. مان ڇا ٿوڄاڻان؟ ڪجهه به نه. شايد اهو سچ آهي ته جيڪي قبرن ۾ آهن سي به مون جيان خوامخواهه سيريس آهن. سڀاڻي جڏهن هو جاڳندا ته مون وانگي وڃايل وقت تي افسوس ڪندا.

                هر ڪا ڳالهه اڌوري رهجيو وڃي. ماڻهو به اڌورو رهجيو وڃي. پر مان هوس ٽرڙو، ڇسو، ۽ انا سان ٽمٽار! نانگ بلائن سان دوستي جائز  آهي پر واهه واهه ۽ تاڙيون ماڻهونءَ جا ٻئي جهان کسي ٿي ڇڏي. قيامت ته آئي وئي شئي آهي جا روز ٿي اچي ۽ روز ٿي وڃي. فقط اک گهرجي قيامت کي سڃاڻڻ لاءِ، فقط دل گهرجي قيامت جو وهڪرو محسوس ڪرڻ لاءِ ۽ مان انهن ٻنهي شين کان ڪورو هوس.

                ڳالهين کان وڌيڪ ڪي ماڻهو ياد رهندا آهن. ڪو به ماڻهو وڏو ناهي ۽ ڪو به ماڻهو ننڍو ناهي. اهو فقط ڊائس يا روسٽرم آهي، ڪنهن به ٽڪي آني واري فنڪشن جو جيڪو ننڍڙي ماڻهوءَ کي وڏو ۽ تاڙيون وڄائيندڙن کي ننڍڙو ڪيو ڇڏي. ڪو به نٿو ڄاڻي ته مٿي ڊائس تي بيٺل ۽ هيٺ ڪرسيءَ تي ويٺل ٻئي برابر جا جاهل ۽ بيوقوف آهن. موت ته راند جي فقط پهرين بازي آهي، جنهن کان پوءِ ٻي بازي اچڻي ناهي. بازي تي بازي هوندي به راند جي آخري بازي اچڻي ناهي. هي اها راند آهي، جنهن جو انت ناهي، جنهن جي ڪا انتها ناهي، جنهن جو ڪو وجود ناهي. اهو فقط خلل آهي دماغ جو ته ذهن به ڪا شئي آهي جا ڪنهن جي سٺي  ته ڪنهن جي خراب به ٿي سگهي ٿي. اوهان وانگي مان به اهڙو ئي آهيان، جهڙو ٺاهڻ واري مون کي ٺاهيو. جي اوهان اڄ سهڻا آهيو ته سڀاڻي مون جهڙا ٿي ويندا ۽ جي اڄ مون جهڙا آهيو ته سڀاڻي مون سان گڏ مون وانگي ئي مٽي ۽ رک ٿي ويندا.

                ڪيترو به پاڻ کي سنڀاليو، لکين هزارين نيڪي جا ڪم ڪريو، ڪيترو به خيال ڪريو ته اوهان مان ڪنهن کي ايذاءَ يا تڪليف نه پهچي، پر آخر به ته اوهان انسان آهيو، سو اوهان ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ، ترڪندا ضرور! ٿورو ترسو. جي اوهان جو خيال آهي ته اوهان نيڪ نامي جا ڪم کوڙ ڪيا آهن ته ٿورڙو ترسو ۽ موت کي ڪجهه ويجهو اچڻ ڏيو. پوءِ ڏسجو ته ڪيئن ٿا سوال اٿن. اوهان جي ذهن ۾ ته مون هيئن ڇو ڪيو، مون هونئن ڇو نه ڪيو موت کي ڪجهه ويجهو اچڻ ڏيو ۽ ڏسجو ته اوهان کي پاڻ ۾ ڪا هڪ نيڪي به نظر نه ايندي. مان ته هوس بيوقوف ۽ اڻڄاڻ، سو سمجهي نه سگهيو هوس. اوهان ته مون جهڙا سيريس نه ٿجو!

                ڪجهه ورهين کان مون فقط انهن کي پڙهيو آهي، جن کي پاڻ نه پڙهندا آهيون، ۽ انهن کي ٻڌو آهي، جن کي پاڻ نه ٻڌندا آهيون. ڪي ننڍا دوست عادتن مون کان پڇندا آهن ته، سڌرڻ لاءِ گهڻا پئسا وٺندي؟ ڪي فقط ايترو پڇندا آهن ته، سڌرڻ جو پروگرام آهي يا نه؟ مان جواب ڏيندو آهيان ته، مون کي سُڌاري اوهان پاڻ جهڙو ڪرڻ لاءِ مون کان گهڻا پئسا وٺندا؟ اڃان سودو ٿئي نٿو. چوندا آهن ته مٿاهون هٿ معنيٰ ڏيندڙ هٿ، هيٺئين هٿ معنيٰ وٺڻ واري هٿ کان بهتر آهي. مان ڄاڻان ٿو ته گهرڻ واري هٿ ۾ نوڙت آهي. اهي ڳالهيون آهن ۽ ڪي ٻيون اهڙيون ئي ڳالهيون آهن، جن مون لاءِ منهنجو سيريس هجڻ عذاب ڪيو آهي. هرگز حيران نه ٿجو، جي اوهان مون کي ڪنهن  ڏينهن پنندو ڏسو. اها آهي آکاڻي منهنجي سيريس هجڻ جي. مان مجبور آهيان.