اسٽيفن ليڪاڪ

 

جمع 11 آگسٽ 2006ع

                پُڇيو ته نه ويندو، پر جيڪڏهن اوهان مون کان پُڇو ته دنيا ۾ سڀ کان وڏو ليکڪ اڄ تائين ڪير رهيو آهي؟ ته مان چوندس ته اسٽيفن ليڪاڪ. مان خاطريءَ سان چئي سگهان ٿو ته اوهان هُنَ جو ڪو هڪڙو ڪتاب به نه پڙهيو هوندو ۽ اوهان هُنَ جو نالو به شايد ئي ٻُڌو هجي. مون پاڻ هُنَ کي فقط ٽي چار سال اڳ پڙهيو آهي.

                هُو صاحب پنهنجي ماءُ پيءُ جي شايد اٺن يا نون ٻارن مان ٽيون نمبر هو. سندس خاندان انتهائي غربت ڪري اسڪاٽ لينڊ مان لڏي ڪئناڊا هليو ويو، جتي سندس پيءُ ڪجهه زمين حڪومت کان وٺي کيتي ٻاڙي ڪرڻ لڳو، جتي هنن پهريون ڀيرو پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ سک جو ساهه کنيو. گهڻي محنت ڪرڻ باوجود هُو غريب ئي رهيا ۽ سکيا نه ٿي سگهيا.

                مان شايد اٺن ڏَهن سالن جو هوس، جڏهن اسٽيفن ليڪاڪ 1942ع ۾ اسي ورهين جي ڄمار ۾ يُو ايس اي ۾ فوت ٿي ويو هو. ليکڪ ته ڇا، مان ته اڃان لکڻ پڙهڻ به نه ڄاڻندو هوس. گهڻي محنت ۽ غربت ڪري سندس پيءُ شراب پيئڻ ۾ غرق ٿي ويو ۽ سڄو خاندان روزگار جي تلاش ۾ ٽڙي پکڙجي ويو. اسٽيفن ڪئناڊا ڇڏي  يُو ايس اي هليو آيو، جتي ڪجهه محنت مزوري ڪري ٿورو گهڻو پڙهڻ سکي ويو. نوڪريءَ جي ڳولها ۾ هُنَ کي فقط ڪنهن اسڪول ۾ ماستري ملي، جنهن بابت هن پاڻ اڳتي هلي لکيو ته، اسڪول جي ماستري ئي فقط اهڙو ڌنڌو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن به مهارت يا لياقت جي ضرورت ناهي ۽ مون وٽ ڪا به لياقت يا مهارت نه هئي. سو مان نه چاهيندي به ماستري ڪرڻ لڳس ۽ فالتو وقت ۾ ٻيا ننڍڙا ڪم ڪري پڙهائي جاري رکندو آيس.

                ڊگري وٺي هُنَ يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري ڪندي پي ايڇ ڊي جي ڊگري اڪانامڪس ۾ ورتي ۽ پوءِ يونيورسٽيءَ جي اڪانامڪس ۽ پوليٽيڪل سائنس وارن ٻنهي کاتن جو چيئرمين ٿي ويو. هن پهريون ڪتاب انگلستان جي پوليٽيڪل سسٽم بابت سمجهاڻيءَ تي لکيو، جيڪو ڪتاب ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يُورپ ۾ درسي ڪتاب طور اهڙو مشهور ٿيو جو ان جا ترجما ٻين ٻولين ۾ ٿي ويا. هن کي يورپ، انگلستان، ڪئناڊا ۽ آمريڪا جي مختلف يونيورسٽيز مان دعوتون آيون ۽ هو علم جي ماهر طور مشهور ٿي ويو. پوءِ هو صاحب لهي آيو، حقيقتن تي.

                 هن صاحب لکيو ته سندس اصلي رڳ ڪا ٻي هئي ۽ سياست بابت سندس لکيل ڪتاب فقط دوکو ۽ فريب هو، جيڪو عام طرح اهڙن ڪتابن ۾ ماستر لکندا آهن. هُنَ لکيو ته حڪومتن جا ادارا انگلستان جي ادارن سميت فقط ڪلارڪ هلائيندا آهن، بادشاهه ۽ اسيمبليون وغيره فقط عام ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ لاءِ آهن ۽ ماڻهن کي ڄاڻ به نه پوندي آهي ته ملڪ جو ڪاروبار ننڍڙا ڪلارڪ هلائيندا آهن، جن تي بادشاهه، اسيمبلين ۽ ٻين وڏن آفيسرن جون فقط صحيحون هونديون آهن ۽ فقط اختيارين جا ٺپا هوندا آهن. هن چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگي انگلستان به فقط آفيسرن ۽ حاڪمن جي مهرن تي هلندو آهي ۽ سياست بابت سڀيئي درسي ۽ غير درسي ڪتاب فقط حاڪمن کي خوش رکڻ لاءِ حاڪم پاڻ  همٿائيندا آهن. پر حقيقت ۾ پَنَن، حُڪمن ۽ اعلانن جي چُر پُر ڪلارڪن وٽان ٿيندي آهي، جيڪي پاڻ پنهنجا دماغ هلائي اُهي حڪم، آرڊر ۽ اعلانن وارا پنا ۽ ڪاغذ لکي فقط صحيح لاءِ آفيسرن ۽ حاڪمن اڳيان رکندا آهن. جن تي اُهي ڪلارڪ پاڻ ئي مهرون ۽ ٺپا وغيره هڻي پڌرا ڪندا آهن.

                صاف ظاهر آهي ته پوليٽيڪل  سائنس جي ماهر دانن کي جو اسٽيفن ايئن پڌرو ڪري ڇڏيو، سو سڀيئي باهه ٿي ويا، پر ثابت ڪيئن ڪن ته اسٽيفن غلط آهي؟ اسٽيفن ته دنيا جو مڃيل پولٽيڪل سائنٽسٽ هو، جنهن اڳيان هو سڀئي ڄامڙا هئا. مشڪل اها به هئي ته سندس لکيل سياست وارو ڪتاب سموري انگريزي ۽ غيري انگريزي دنيا ۾ درسي ڪتاب طور منظور به ٿيل هو، سو پروفيسر صاحبان ڪجهه به نه ڪري سگهيا. اسٽيفن پاڻ لکيو ته اهو سندس سياسي درسي ڪتاب لکندي  کيس پاڻ کي به کل پئي آئي، ۽ جتي به هو ان ڪتاب جي ساراهه ٻڌندو هو، اُتي کيس کل ايندي هئي.

                اسٽيفن بابت اها آهي منهنجي پهرين قسط جو اها ته آهي اڃان شروعات ۽ مان ٿڪجي به پيوآهيان، پوءِ مون کي ٻيون به گهڻيئي ڳالهيون پيون ياد اچن، جن بابت مان لکڻ ٿو چاهيان. اسٽيفن بابت لکڻ آهي ئي ڪجهه اهڙو ڪم جهڙو پاڻ پنهنجا آنڊا ڪڍي ٻاهر رستي تي ڦٽا ڪرڻ. سو اڄ اها پهرين قسط پوري ٿي.