مزاح

 

اربع 02 آگسٽ 2006ع

 

                مزاح جي ڪا حد ئي ناهي، پر مزاح اهو هرگز ناهي، جنهن کي عام طرح مزاح سمجهيو ويندو آهي.  ڪنهن کي چئو ته سندس نظر گهٽ آهي ته هڪدم قبول ڪندو، ڪنهن کي چئو ته گهٽ ٿو ٻڌي ته هڪدم قبول ڪندو پر جنهن کي چئبو ته کيس مزاح جي سمجهه ناهي، يا مزاح گهٽ يا غلط ٿو سمجهي ته هڪدم اٽڪي پوندو ۽ ڊگهي بيوقوفيءَ جهڙي بحث ۾ پئجي ويندو. اها ڳالهه اسٽيفن ليڪاڪ لکي آهي، ۽ فرسٽ ڪلاس نموني سمجهايو اٿس ته مزاح ۽ بيهودگيءَ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيترو فرق آهي. مثال طور هن سمجهايو آهي ته ڪتڪاڙي ڪرڻ يا ڪنهن کي اوچتو هائو چئي هن کي ڇرڪائڻ بيهودگي آهي پر گهڻا ئي ماڻهو ان کي به مزاح سمجهي کلندا ۽ ٽهڪ ڏيندا آهن. مزاح ايذاءُ يا تڪليف نه پهچائيندو آهي. مزاح جو اثر ئي اهڙو هوندو آهي جيڪو اهو شخص محسوس به نه ڪري ۽ اڳتي وڌي وڃي. ڪنهن ويهندڙ ماڻهو هيٺان ڪرسي ڪڍي هن جي پٽ تي ڪرڻ تي کلڻ بيهودگي آهي.

                مان نٿو سمجهان ته جنهن به مزاح نگار لکڻ کان ا ڳ جي اسٽيفن ليڪاڪ کي پڙهيو هجي ها ته مزاح لکڻ جي جرئت به ڪري ها. هن ورهين جا ورهه لکيو ۽ هر هڪ شعبي، سائنسن سميت تي لکيو. لکڻ جو هن جو ڏانءُ ايترو ته مختلف ۽ نئون هو جو اڄ به هن وانگي لکڻ يا هن کي نقل يا ترجمو ڪرڻ تقريبن ناممڪن آهي. اڄ کان پنجونجاهه ورهه اڳ اسي ورهين جو ٿي فوت  ٿيو. تنهنجي معنيٰ ته منهنجو يا اوهان جو ڪو به ڏوهه ناهي جي اسان هن کي گذريل صديءَ ۾ نه پڙهيو، پر اڄ به هن جو هر هڪ ليک، مضمون، ناول ۽ ڪهاڻي موتين ۽ هيرن ۾ تورڻ قابل آهن. ملڪن جي تعليمي نظامن هن کي ۽ هن جي لکڻين کي دفن ڪري پنهنجي ليکي پنهنجي ڪوڙي عزت ۽ ساک برقرار  رکي، پر هن جو روح جيڪو هن جي لکڻين ۾ سمايل آهي، سو ايندڙ پنجاهه ورهين ۾ دنيا جو تعليمي ڍانچو ئي دفن ڪري ڇڏيندو. يونورسٽين ۽ پروفيسرن کي جا عياشي ايندڙ پنجاهه ورهين ۾ ڪرڻي آهي سا ڪري وٺن. تنهن کان پوءِ نه ڪا يونيورسٽي هوندي نه ڪو پروفيسر.

                اها فقط ذاتي لياقت هوندي جا هر هڪ فرد  جو سرمايو هوندو. پروفيسري ۽ ڊگريون غائب هوندا. اڄ به تمام گهڻا پروفيسر آهن، جيڪي انهيءَ پروفيسري تي کلندا آهن ۽ يونيورسٽين جي ڪرتوتن تي حيران ٿيندا آهن ته اهي هلن ڪيئن پيون!

                ڪنهن شريف ماڻهوءَ مون کان پڇيو ته، اسان جو تعليمي نظام ڇو تباهه آهي؟ هو عام ماڻهو هو ۽ هن عام سوال پڇيو هو. مون جواب ڏنو ته، تعليم ۽ تعليمي نظام اهڙن جانورن جا نالا آهن، جيڪي ڌرتيءَ تي بلڪل نه هوندي به وهائبا پيا وتن. هءُو مءُنجهي پيو ۽ مان هليو ويس. پروفيسرن وٽ اءُها شئي هوندي آهي، جنهن کي هو پاڻ علم چوندا آهن ۽ عام ماڻهن وٽ اءُها شئي هوندي آهي، جنهن کي پاڻ عام فهم طور ڄاڻون ٿا.

                لالچ بري ۽ بڇڙي بلا آهي. اڄ يونيورسٽين ۾ ٿلهيون ۽ موٽيون پگهارون بند ڪري ڇڏيو ته يونيورسٽي ۾ فقط پٽيوالا وڃي بچندا. اوهان پاڻ سوين اهڙا پروفيسر ڄاڻندا هوندا، جن ورهين کان ڪو هڪڙو ڪلاس به نه ورتو هوندو ۽ گهر ويٺي پگهار پهچيو وڃين. هڪڙي پاسي نه نهاريو، چئني پاسي نهاريو. اسٽيفن پروفيسرن جي دورن ۽ سماجي سياسي تقريرن بابت جيڪي ڪجهه لکيو آهي، سو پڙهڻ وٽان آهي. ليکو اٿس ته مون جا تقرير فرانس جي سياسي ڍانچي بابت ڪئي ۽ جنهن تي ماڻهن تاڙيون وڄايون تنهن تقرير جو مهيني اندر اهو نتيجو ٿيو جو چين ۾ اناج کٽي پيو ۽ آفريڪا جي ملڪ ڪينيا ۾ ٻه آفريڪي قومون پاڻ ۾ وڙهي پيون! هن جو  مطلب هو ته پروفيسرن جي تقريرن ۾ هوندو ڪجهه به نه آهي سواءِ تاڙين جي!

                پاڻ وٽ ته تاڙين جا ڦهڪا هوندا آهن، اهو آهي پنهنجو ڪلچر. مون کي گهٽو ڏيئي منهنجو آواز بند ڪرڻ تمام سولو آهي، پر منهنجي خيالن کي به اسٽيفن جي خيالن وانگي گهٽو ڏيئي بند نٿو ڪري سگهجي جو هر هڪ خيال قدرت طرفان زمين ۾ پوريل هڪ ٻج آهي، جنهن کي ڪنهن ڏينهن ته وڻ ٿيڻو آهي. جي اسٽيفن جي اهميت ڏسڻ ٿا چاهيون ته ڪئناڊا ۾ ڏسو جتي مان نه ويو آهيان ۽ نه وري وڃي سگهندس. آمريڪا، ڪئناڊا ۽ يورپ ۾ شايد ئي ڪو ڪتاب گهر يا لائبريري هجي جتي سندس ڪتاب نه هجن، پر ڪڏهن به ڪو ماستر يا پروفيسر اسٽيفن يا سندس ڪتابن جي نالي جي ويجهو به نه ويندو آهي.

                اڄ مون کان عمر خيام رهجي ويو. هن دنيا ۾ شايد  ئي ڪو پي ايڇ ڊي قسم جو پروفيسر هجي، بلڪه ڪونهي، جنهن پاڻ کي ايئن پڌرو ڪيو، جيئن سڀئي پروفيسر آهن. پروفيسرن کي ڪهڙي ڄاڻ ته اوريجنل ۽ ڪريئيٽو سوچ ڇا کي چئبو آهي؟ مون تي منحوسيت جو پاڇو هو، اڃان به ٿورو گهڻو آهي پر هاڻ اهو پاڇو مون کان پري  ٿيندو وڃي. هاڻ اسٽيفن ليڪاڪ، مان، ۽ عمر خيام آزاد ٿيندا پيا وڃون.